پنجاب: پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ چئن اسٽينڊنگ ڪميٽي چيئرمينن خلاف بي اعتماد رٿ ڪامياب، عهدن تان هٽايا ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن سان واسطو رکندڙ 4 اسٽينڊنگ ڪميٽن جي چيئرمينن خلاف آندل بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي.
پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي چئن اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ منظور ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ کين عهدن تان هٽايو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جن چيئرمينن کي هٽايو ويو آهي، تن ۾ لٽريسي ڪميٽي جو چيئرمين عنصر اقبال، اسپيشل ايجوڪيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن صائمه ڪنول، ڪالونيز ڪاميٽي جو چيئرمين احسن علي ۽ مئنيجمينٽ اينڊ پروفيشنل ڊيولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين راءِ مرتضيٰ شامل آهن.
ذريعن موجب، مٿي ڄاڻايل سڀني ڪميٽين جا چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان تعلق رکن ٿا ۽ کين عهدن تان هٽائڻ بابت نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ انهن اسٽينڊنگ ڪميٽين جي نون چيئرمينن لاءِ ٻيهر چونڊ ٿيندي
ان کانسواءِ وڌيڪ ٻن اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن خلاف به بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي باقي ست اسٽينڊنگ ڪميٽين جي سربراهيءَ بابت به بي اعتمادي رٿ آڻجڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ايندڙ اسيمبلي اجلاس کان اڳ اپوزيشن جي ميمبرن خلاف ريفرنس به اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻيو ويندو.