مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو شرمناڪ آهي:حافظ نعيم

Spread the love

 لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ٽرمپ جيچاپلوسي هيٺ ڪشمير تي سمجهوتو ڪيو ته قوم مزاحمت ڪندي. آمريڪي غلامن پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين تي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، منصوره ۾ ميڊيا سان ڳالھيون ڪندي ۽ شيخوپوره ۽ ننڪانه ضلعن جي مزدورن جي تربيتي مرڪز ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ڪرپشن جا وڏا اسڪينڊل سامهون آيا آهن ۽ سنڌ اڳ ئي ڪرپشن ۾ خودڪفيل آهي.

ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو 12 هون سال آهي پر سوات درياءَ ۾ ٻڏي ويل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڪو به نظام موجود نه هو. سياست تي جاڳيردارن، ۽ سرمائيدارن قبضو ڪري ورتو آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ گورننس جو بحران آهي. سڄو عدالتي نظام يرغمال آهي. سپريم ڪورٽ مان جعلي فيصلا حاصل ڪري سياست ڪئي پئي وڃي سپريم ڪورٽ هڪ شرمناڪ فيصلي ذريعي حڪومتي اتحاد کي مخصوص سيٽون ورهايون،

جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ کي انهن تي حق هو. هن چيو ته قومي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جا حق لُٽيا ويا. اسان جون ڪيتريون ئي کٽيل سيٽون ٻين پارٽين کي ورهائي ڏنيون ويون. ڪراچي جي ميئر شپ تي به قبضو ڪيو ويو.

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو