فلسطينين کي کاڌي بدران موت ملي ٿو ۽ دنيا تماشو ڏسڻ ۾ پوري آھي
دنيا ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ۽ ايجنسيون ڪافي وقت کان اھا دانھن ڪري رھيون آھن تھ غزه ۾ بي گھر ۽ بک ۾ پاھ ٿيل ماڻھن مٿان کاڌي وٺڻ وقت فائرنگ ڪري مارڻ غيرانساني عمل آھي.اسرائيل جنھن کي طاقتور ملڪ آمريڪا سميت يورپ جي نھ رڳو خاموش حمايت حاصل آھي بلڪھ ان کي وڙھڻ جي ھٿيار ۽ رقم بھ اھي ملڪ ڏئي رھيا آھن. اسرائيل جي ھٿياربند فوج ظلم جي انتھا ڪندي سموري ليڪا لتاڙي وئي آھي. غزه ۾ ڏڪار، بک، غربت، دوائن جي کوٽ ۽ انساني زندگي جي سھولتن کان محروم ماڻھن تي نشانو وٺي انھن کان زندگيءَ جو حق ڦرڻ ۽ انھن کي موت جي منھن ۾ اڇلائڻ واري عمل دنيا جي ضمير کي جھنجھوڙي ڇڏيو آھي. اسرائيل 2 مارچ کان غزه ۾ کاڌي ۽ دوائن جي فراهمي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي تنظيمن تي تعصب ۽ حماس کي سهولت فراهم ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. هن پابندي کي لاڳو ڪندي، اسرائيل دعويٰ ڪئي ته حماس جا ويڙهاڪ عام ماڻهن لاءِ امداد چوري ڪري رهيا آهن.
مهينو اڳ غزه ۾ جي ايڇ ايف نالي هڪ تنظيم اسرائيلي حڪومت جي نگراني ۾ قائم ڪئي وئي ته جيئن غزه ۾ ماڻهن کي ’انساني بنيادن!‘ تي کاڌو فراهم ڪري سگهجي ۽ غزه ۾ ڪيترن ئي مرڪزن ۾ ماڻهن کي کاڌو ورهائڻ جي ذميواري ڏني وئي. انتظام کي هلائڻ لاءِ اسرائيلي انٽيليجنس غزه ۾ ڏوهاري عنصرن کي گڏ ڪيو جيڪي اڳ ۾ غزه ۾ ايندڙ امداد ڦرڻ ۾ مصروف هئا. اھو غزه ۾ کاڌو فراهم ڪرڻ جو اختيار رکندڙ واحد ادارو آهي، پر عالمي تنظيمون ۽ ادارا ان طريقي کي انساني بنيادي اصولن جي خلاف قرار ڏين ٿا. ان ھوندي اسرائيل تي ڪو به اثر نه پيو آهي.
تازو جاري ڪيل انگن حقيقت ۽ تفصلي موجب مهينو اڳ قائم ڪيل خوراڪ جي ورڇ مرڪزن تي امداد لاءِ ايندڙ ماڻهن تي اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري 549 ماڻهن کي ماري وڌو.ٻئي پاسي ھڪ ڏينھن ۾ غزه ۾ مارجي ويل فلسطينين جو تعداد 100 کان وڌيڪ آهي. جن مان گهڻا يا ته کاڌي جي ورڇ مرڪزن تي اسرائيلي فائرنگ ۾ مارجي ويا يا اولھھ ڪناري ۾ يهودي آبادڪارن پاران فلسطيني آبادين تي حملن ۾ ماريا ويا.اسرائيلي فوج هميشه آبادڪارن جي حفاظت جي نالي تي فلسطينين کي نشانو بڻائيندي رھندي آهي. اسرائيلي اخبار هرزل جي هڪ رپورٽ موجب، ڪيترن ئي سپاهين ۽ آفيسرن تسليم ڪيو آهي ته انهن کي کاڌي وٺڻ لاءِ ايندڙ فلسطينين تي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ڄاڻايل اخبار هڪ سپاهي جي حوالي سان اھا ڳالھھ ڄاڻائي آھي. سپاھي جو چوڻ ھو تھ ميڙ کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙھا آڻيندڙ گيس يا ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ بدران، انهن تي گوليون هلايون ويون ۽ مارٽر، مشين گن يا گرنيڊ لانچرن سان بھ حملو ڪيو ويو. انساني حقن جون تنظيمون هن موت کي امدادي تنظيم GHF جي طريقن جو نتيجو قرار ڏين ٿيون.ماھرن جو چوڻ آھي تھ اھو طريقو جنگي ڏوھھ آھي ۽ هن تنظيم سان لاڳاپيل ماڻهن تي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري ڪيس ھلڻ گھرجي.
دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن جي ماڻھن وٽ اھا ڪھڙي قسم جي نفرت آھي جيڪا ختم ئي نٿي ٿئي.جنھن کي آمريڪا توڻي ان جا ساٿاري سپورٽ ڪري رھيا آھن ۽ عرب ملڪ وري اھڙي ظلم تي خاموشي اختيار ڪري آمريڪا ۽ ان جي حامي ملڪن سان دوستي نڀائي رھيا آھن.جيڪو ڪجهھ بھ آھي جيڪو ڪجهھ پوکيو پيو وڃي اھو ئي انھن کي لڻڻُو پوندو.جنھن منظم طريقي سان انسانن ۾نفرت جو ٻج پوکيو ويو آھي ان سان اھي بھ سک جو ساھ نھ کڻي سگھندا جيڪي اھو سموري ناٽڪ گڏجي سڏجي ڪري رھيا آھن. غزه جي صورتحال افسوسناڪ ۽ غير انساني آهي.ڪيترن ئي ڪيسن ۾ طاقت جو اصول ڪم ڪري رهيو آهي. ۽ بين الاقوامي قانون ۽ انساني حقن کي نظرانداز ڪندي جبر جو اصول لاڳو ڪيو پيو وڃي.
جيتوڻيڪ وقت بوقت صدر ٽرمپ اھو چئي ٿو تھ غزه ۾ جنگ بندي جلد ٿي ويندي پر عملي طور تي اھڙي ڪا سرگرمي نظر نٿي اچي. جيتوڻيڪ ٽرمپ ايران ۾ جنگ کان پوءِ چيو هو ته غزه ۾ جنگ جلد ختم ٿي ويندي. پر، اڃا تائين ان جا ڪي به نشان نظر نه آيا آهن.نھ رڳو ايترو پر اڳ ۾ سندس حلف کڻڻ کان اڳ جنگبندي واري ادا ڪيل رسم بعد اسرائيل ان جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري فلسطينن کان زندگيءَ جي ھر سھولت کسي ورتي آھي.
هڪ اسرائيلي اخبار ’ٽائمز آف اسرائيل‘ رپورٽ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ وزيراعظم نيتن ياهو غزه ۾ جنگ جلد ختم ڪرڻ ۽ ابراهيم معاهدي کي وڌائڻ تي متفق ٿيا آهن. ابراهيم معاهدو، جنهن تحت ٽرمپ گذريل دور ۾ ڪيترن ئي عرب ملڪن کي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو هو. اخباري رپورٽ موجب اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جنگ ٻن هفتن ۾ ختم ٿي ويندي. مصر ۽ گڏيل عرب امارات سميت چار عرب ملڪ غزه جو انتظام سنڀاليندا ۽ حماس جي قيادت کي غزه مان جلاوطن ڪيو ويندو. پر حماس ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان تجويز ۾ غزه جي مستقبل ۾ فلسطيني اٿارٽي کي اختيار ڏيڻ جو مسئلو پڻ شامل آهي، جيڪو گھڻو ڏکيو آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪيترائي عرب ملڪ انهن ماڻهن کي آباد ڪندا جيڪي غزه ۾ پنهنجو وطن ڇڏڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن هن انتظام جي نتيجي ۾ امن قائم ٿئي ٿو. شام ۽ سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪن ٿا.تھ بھ اھو ڪو جٽادار حل نھ ھوندو. بهرحال،سعودي عرب جو شرط اهو آهي ته اسرائيل ٻه رياستي حل کي قبول ڪري ته جيئن فلسطيني رياست جي قيام جو رستو هموار ٿي سگهي.
جنگ بندي بابت ’منصوبن‘ ۾ هر لحاظ کان پاڻ کي بچائڻ ۽ پنهنجي سياسي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو رستو ڳوليو پيو وڃي.پر اسرائيلي اڳواڻ فلسطينين کي الڳ وطن ۾ رهڻ جو حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن.نھ رڳو ايترو پر لکين فلسطينن کان ھاڻي دنيا جيئڻ جو حق بھ ڦرڻ لاءِ ميدان ۾ لھي پئي آھي.
جُون 30, 2025