”عمران خان جي مقبوليت تائين پي ٽي آءِ ختم نه ٿيندي“

Spread the love

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت فيصلو افسوسناڪ آهي پر ان جي باوجود جيستائين عمران خان جو ووٽ بئنڪ آهي تيستائين پي ٽي آءِ ختم نه ٿيندي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهبازشريف هڪ پيج تي رهڻ وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي،

ڪارڪردگي زيرو آهي،آءِ ايم ايف جو قرض ملڻ بعد ڇا پاڪستان ۾ استحڪام آيو آهي،رڳو اميرن جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ چاڙهه آيو آهي،هن وقت ملڪ ۾ غربت جي شرح 45 سيڪڙو ٿي وئي آهي، 22 سيڪڙو بيروزگاري جي شرح آهي،مڊل ڪلاس ختم ٿي ويو آهي،قوت خريد نه رهي آهي،

هن چيو ته عمران خان کي ساڍن ٽن سالن ۾ گهر موڪلي پاڪستان جي 70 سالن جي سمورن مسئلن جو ذميوار به عمران خان کي قرار ڏنو ويو آهي، ايترو عرصو ته هن سرڪار کي به ٿي ويو آهي،هنن ڇا ڪيو آهي؟سڌارا ذرو به نه آيا،

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو