سکر ۽ روهڙي ۾ محرم الحرام جي ماتمي جلوسن جو سلسلو جاري، امام بارگاھ محمد شاهه کان قديم ماتمي جلوس جو اختتام

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۽ روهڙي ۾ ماتمي جلوس ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي سکر جي علائقي جي نيم جي چاڙي تي واقع امام بارگاھ محمد شاهه کان قديم ماتمي جلوس ڪڍيو ويو جيڪو نيم جي چاڙي، مين روڊ جيلاني روڊ سميت روايتي رستن تان گذري رات واپس امام بارگاھ محمد  شاهه ختم ٿيو  

ماتمي جلوس ۾ الم پاڪ، ذوالحج شامل هئا، جڏهن ته سکر، خيرپور، لاڙڪاڻي جي انجمنن جي شرڪت ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا ۽ سکر جي علائقي جي نيم جي چاڙي تي واقع امام بارگاھ شاهه محمد کان قديم ماتمي جلوس هر سال چار پنج محرم جي رات جو ڪڍيا ويندا آھن۔

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو