سکر ضلع ڪونسل جو مالي سال 26-2025ع لاءِ 5.12 ارب روپين جو بجيٽ پيش، ترقياتي منصوبن، تعليم، صحت ۽ عوامي سهولتن تي زور

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) چيئرمين ضلع ڪونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ ضلع ڪونسل سکر جي ضلع ڪونسل ھال ۾ مالي سال 26-2025ع لاءِ بجيٽ پيش ڪئي، جيڪا اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي. چيئرمين ضلع ڪونسل سکر  سيد ڪميل حيدر شاھ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ سمورن ميمبرن جي تجويزن کي آڏو رکندي ترتيب ڏني وئي آھي.

 بجيٽ 26-2025ع ۾ آمدني جو تخمينو 5 ارب 12 ڪروڙ 79 لک 27 ھزار روپيا رکيو ويو آهي جڏھن تہ خرچن جو تخمينو 5 ارب 32 ڪروڙ 79 ھزار 576 روپيا رکيو ويو آهي، بجيٽ جو خسارو 19 ڪروڙ 21 لک 51994 روپيا آهي. اھڙي ريت مالي سال 25-2024ع جي آمدني جو خرچ 560.433 ملين، ضلع ڪونسل جي دڪانن جي مسواڙ ۽ پراپرٽي ٽيڪس 1.522 ملين، گذريل سال جي بچيل رقم 4.89 ملين، جڏھن تہ ڪل آمدني جي رقم 566.849 ملين آھي.

 چيئرمين ضلع ڪونسل سيد ڪميل حيدر شاھ خطاب ۾ مالي سال 25-2024ع خرچن جو تفصيل ٻڌائيندي چيو تہ پگھارن لاءِ 275.940 ملين، پينشن لاءِ 80.134 ملين، رٽائرمينٽ جي مالي سهائتا لاءِ 27.95 ملين، ضلع ڪونسل جا ٻيا خرچ 68.24 ملين، ترقياتي ڪمن لاءِ 111.90 ملين جنھن ۾ 564.79 ملين ڪل رقم خرچ ٿي. چيئرمين ضلع ڪونسل مالي سال 26-2025 جي آمدني جي متوقع تخميني جو تفصيل ڏيندي ٻڌايو تہ گورنمينٽ کان ملندڙ ضلع آڪٽراءِ ٽيڪس ۾ 1120.866 ملين ،ڪونسل جي دڪانن جي مسواڙ ۽ پراپرٽي ٽيڪس 5 ملين، گورنمينٽ کان ملندڙ متوقع اسپيشل گرانٽ 4000 ملين جڏھن تہ ڪل آمدني جي رقم 5127.793 ملين آھي. ھن اجلاس کي مالي سال 26-2025ع لاءِ متوقع تخميني جي تفصيل،

 خرچن جي تفصيل، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيڪريٽريٽ جي مد ۾ رکيل خرچ، آفيس برانچ، ٻين اخراجات، گرانٽس ۽ نون ترقياتي منصوبن جي مد ۾ رکيل رقم بابت پڻ تفصيلي آگاھي ڏني. ھن ٻڌايو تہ ضلع ڪونسل پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شھرين جي تفريح لاء ھڪ ريزورٽ جو منصوبو پڻ رکيل آهي. ضلع چيئرمين اجلاس کي ٻڌايو تہ رڪن قومي اسيمبلي سيد خورشيد احمد شاھ پاران ھڪ روڊ جي تعمير کان علاوھ ڊپٽي ڪمشنر سکر پاران جنوجي روڊ،

سکر جيم خانہ، ضلعي جي 300 پرائمري اسڪولن لاءِ واشرومز جي سھولت، واڪنگ ٽريڪ روھڙي ۽ ذھين ۽ ضرورتمند شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جون تجويزون پڻ آڏو آيون آھن، جن تي پڻ گڏيل صلاح مشاورت سان غور ڪيو ويندو. اجلاس دوران ضلع ڪونسل سکر جي ميمبرن پاران اوپن فورم دوران تعليم، صحت، ترقيات، امن امان، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽنگ کان علاوھ ضرورمند عورتن لاءِ سلائي مشينن، سولر پليٽن،

 ڪميونٽي سطح تي ڪمپيوٽر ڪوچنگ سينٽر، لائبريري جي قيام، شاگردن لاءِ ليپ ٽاپس جي فراھمي ۽ ٻين عوامي سھولتن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪونسل سکر اختر خان مھر، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، ايس ايس پي سکر اظھر مغل، سنڌ رينجرس جي ڪرنل عاطف اقبال، لاڳاپيل سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ ميڊيا نمائندن شرڪت ڪئي. 7

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو