سيوھڻ تعلقي ۾ محرم الحرام جي آمد، يونين ڪائونسل آراضي ۾ زوار هاري سهتو جي سرپرستيءَ ۾ ماتمي جلوس، زنجير زني ۽ لنگر نياز جو اهتمام
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سڄي دنيا ۾ محرم الحرام 1447 ھجري سال شروع ٿيندي ئي امام حسين عليه سلام جي شھادت جي سلسلي ۾ ماتمي جلوسن جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، محرم الحرام مھيني جي سلسلي ۾ تعلقي سيوھڻ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ماتمي جلوسن جو سلسلو به جاري آھي،
ان ۾ سيوهن شريف جي يونين ڪائونسل آراضي ۾ درگاه سید بچل شاه جي پڙ تي زوار محمد هارورن عرف هاري سهتو جي سرپرستي ۾ ٽانڊن تي ماتم ڪيو ويو،جڏهن ته هزارين مومنن عزادارن طرفان زنجير زني پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي زوار محمد هارون عرف هاري سهتو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آراضي ۾ هي ماتم 2007 کان سندس سربراهي ۾ ٿي رهيو آهي،
جتي سيوھڻ تعلقي جي مختلف شھرن جھڙوڪ جھانگارا، باجارا، سيوھڻ، بوبڪ، ٽلٽي، وغيره جا ھزارين مومنن شامل ٿيندا آھن ۽ عزاداري ڪندا آھن، ھن ماتمي جلوس ۾ شامل مومنن عزاداري، زنجير زني ۽ باه تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏھن ته ھن ماتمي جلوس جي سڪيورٽي انتھائي سخت ڪئي ويئي ھئي، ھن ماتمي جلوس ۾ شامل مؤمنن کي لنگر نياز پڻ ڪرايو ويو.
جُون 30, 2025