سيوهڻ شريف ۾ سيد مهدي رضا شاه جي اڳواڻيءَ ۾ پينگهي ۽ تعزئي جو ماتمي جلوس، سيڪيورٽي ۽ نياز جو ڀرپور انتظام

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم) سيوھاڻي سيوهڻ شريف ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء عزاداري ۽ ماتمي جلوس برآمد ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ گذريل رات به سيوهڻ شريف جي ننڍي امام بارگاه مان سيد مھدي رضا شاه جي سرپرستي ۾ پينگهي ۽ تعزئي جو جلوس برآمد ڪيو ويو،

ان موقعي تي اي ايس پي سيوهڻ ۽ ايس ايڇ او سيوهڻ طرفان سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا هيا،  ھن ماتمي جلوس ۾ هزارن جي تعداد ۾ مومنن ۽ عزادارن شرڪت ڪئي، ۽ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي ويئي، سيوهڻ ۾ سيد مهدي رضا شاه جي اڳواڻي ۾ نڪتل ماتمي جلوس مختلف روٽن ۽ رستن تان ٿيندو درگاه قلندر لعل شهباز وٽ اختتام پزير ٿيو،

 جڏھن ته ھن جلوس جي گذرگاھن تي ڪيترن مؤمنن پاران سبيلون ۽ لنگر نياز پڻ عزادارن ۽ جلوس ۾ شامل مؤمن کي کارايو ويو، ھن جلوس جي گذرگاھن جي ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي انتظاميہ طرفان صفائي وغيره پڻ ڪرائي وئي ھئي.

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو