سردار جي ٿري ۾ پاڪستاني اداڪارن جي شموليت تي ڀارت ۾ ڌمچر، نصير الدين شاهه مودي سرڪار تي ڏمريل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه پنجابي فلم ” سردار جي ٿري “ جي رليز تي پيدا ٿيل تڪرار تي اداڪار ۽ گلوڪار دلجيت دوسانجهه جي حمايت ڪري ڇڏي.
نصيرالدين شاهه سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مان دلجيت سان گڏ بيٺو آهيان، بي جي پي ڪافي وقت کان انتظار ڪري رهي هئي ته دلجيت تي ڪڏهن حملو ڪيو وڃي.
هن چيو ته لڳي ٿو ته هاڻ کين اهو موقعو ملي ويو آهي، دلجيت فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ انڪري ها ڪئي، ڇو ته سندس سوچ زهريلي نه بڻي هئي.
نصيرالدين شاهه پنهنجي بيان ۾ طنزيه انداز ۾ لکيو ته ” هي غندا رڳو اهو ٿا چاهين ته ڀارت ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي وچ ۾ ذاتي رابطا ختم ٿي وڃن، پر ڪو به مون کي پاڪستان ۾ رهندڙ پنهنجن ويجهن مائٽن ۽ دوستن سان پيار ڪرڻ يا کين ملڻ کان روڪي نٿو سگهي.“
واضح رهي ته ڀارتي اداڪار دلجيت دوسانجهه، پاڪستاني اداڪارا هانيه عامر سان گڏ فلم ” سردار جي 3“ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن تي ڀارت ۾ بائيڪاٽ دلجيت جي مهم شروع ڪئي وئي هئي.
هندو انتهاپسندن جي ردعمل کانپوءِ فلمسازن فلم ڀارت ۾ رليز نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪا 27 جون تي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ رليز ٿي هئي.