سانگهڙ ويجهو تيز رفتاري سبب مزدا ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، چار زخمي – عوام پاران ٽريفڪ ڪنٽرول نظام بهتر ڪرڻ جو مطالبو

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو تيز رفتاري سبب فارمي مرغي کڻي ويندڙ مزدا ڪلٽي، پنجاب واسي هڪ ڄڻو فوت، چار ڄڻا زخمي، جھول روڊ تي گھنڊڻ اسٽاپ وٽ مبينه طور تيز رفتاري سبب فارمي مرغي کڻي ويندڙ مزدا سان روڊ حادثو پيش آيو، نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت، چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثو پيش ايندي ئي مقامي ماڻهن فوتي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 ٻڌايو پيو وڃي مزدا فارمي مرغي سان ڀريل ھئي جيڪا سانگهڙ طرف اچي رھي ھئي ته واقعو پيش آيو، واقعي ۾ فوتي جي سڃاڻپ امير بخش طور، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ زاهد علي، عمر فاروق ۽ بابو جي نالن سان ٻڌائي وئي. فوتي ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي شهر ميان چنو سان ٻڌايو ويو. ٻئي پاسي اھو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ۽ زخمين جي مائٽن کي اطلاع ڪيو آهي جيڪي پنجاب مان سانگهڙ طرف اچي رهيا آهن،

ھڪ زخمي کان حادثي جو سبب پڇڻ تي ھن ٻڌايو ته گاڏي تيز اسپيڊ ۾ ھئي جيڪا ھڪ گاڏي کي ڪراس ڪري رهي ھئي ته حادثو پيش آيو، ٻئي پاسي عوام جو چوڻ آهي ته سانگھڙ ضلعي ۾ ٽريفڪ ڪنٽرول لاء ڪو به نظام ناھي جنھن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ انساني جانيون ضايع ٿينديون رهنديون آھن. عوامي مطالبي ۾ چيو ويو آهي ته سانگهڙ ضلعي ۾ ٽريفڪ نظام تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن.

جُون 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو