” ايراني جوهري مرڪزن کي نقصان ناهي پهتو“، آمريڪي اخبار جي دعويٰ تي وائيٽ هائوس جو ردعمل اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي حملي بعد ايران جي جوهري پروگرام بابت واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو آهي ته اڻڄاتل ايراني عملدار ئي ڄاڻن ٿا ته جوهري مرڪزن کي ڪيترو نقصان پهتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪي حملن ايران جي جوهري پروگرام کي صرف ڪجهه مهينن لاءِ پوئتي ڌڪيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪي حملي دوران ايران جي جوهري ٿاڪن کي سخت نقصان رسيو آهي.
جان ريٽڪلف موجب، سي آءِ اي جي معلومات ۽ نئين انٽيليجنس نظام ذريعي حاصل ٿيل اطلاعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي حملا ايران جي جوهري ڍانچي لاءِ وڏو ڌڪ هئا.
ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ان رپورٽ تي سخت تنقيد ڪندي ان کي ”فِيڪ نيوز“ قرار ڏنو هو، جڏهن ته وائيٽ هائوس جي ترجمان پڻ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو هو.