سکر ۾ گرمي وڌڻ سان ٿڌن ۽ ديسي مشروبات جي وڪري ۾ واڌ، ريڙهيدارن جو ڪاروبار چمڪي پيو
سکر(بيورورپورٽ) ملڪ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به گرمي وڌڻ سان ٿڌن مشروبات جو استعمال به وڌي ويو آهي، شھر ۾ مختلف قسمن جا مشروبات وڪڻڻ لاءِ ريڙهيون ۽ ٺيلا لڳي ويا آهن، انهن تي عوام جو وڏو رش نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب ريڙهيدارن ۽ دڪاندارن جو ڪاروبار چمڪي پيو آهي۔ان سلسلي ۾ جون جي مهيني ۾ ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ به سج جي تپش ماڻهن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.
سخت گرمي دوران جسم جي گرمي کي نارمل رکڻ لاءِ ٿڌن ۽ ديسي مشروبات جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. سکر شهر جي مختلف علائقن، مين روڊن، گهٽي محلن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ بازارن ۾ هر طرف مشروبات جي دڪانن، ريڙهين ۽ ٺيلهن جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.ديسي جڙي ٻوٽين سان تيار ڪيل مشروبات جهڙوڪ صندل،
بزوري، بادام جو شربت، آلوبخاري جو شربت، ڀُڃي ويل اٽي ۽ کنڊ سان تيار ڪيل “ستو”، بادام، چَهار مغز ۽ کير سان تيار ڪيل خاص پهلواني سردائي، ليمن جي عرق ۽ لوڻ سان تيار ڪيل ليمن پاڻي، ڪيلا ۽ اسٽرابيري جو ملک شيڪ، فاروان ، گدامڙي ۽ ٻين جا شربت سخت گرميءَ ۾ بهترين مشروب بڻجي ويا آهن، جيڪي هاڻ هر ماڻهو جي ضرورت بڻجي چڪا آهن۔
جُون 29, 2025