سکر پريس ڪلب ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻي تقريب، وڪيلن ۽ صحافين پاران حق ۽ سچ لاءِ گڏيل جدوجهد جو عزم
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر پريس ڪلب ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ سکر پريس ڪلب جي ميزباني هيٺ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جي مان ۾ شاندار آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي۔تقريب جي ميزباني سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر محترم سليم سهتو، پريس ڪلب جي پوري ڪابينا، سينيئر ۽ جونيئر صحافين گڏجي ڪئي۔ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي سيڪريٽري فنانس، قائد صحافت لالا اسد پٺاڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي۔تقريب جا خاص مهمان، قائد وڪالت، سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر، جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر ۽ هاءِ ڪورٽ بار سکر جو صدر قربان علي ملاڻو صاحب هئا،
جن کي سنڌي ثقافت جي نشاني “پڳ” پارائي وئي۔تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل صدر علي احمد خان پٺاڻ، نائب صدر غلام مصطفيٰ ڀنڀرو، جوائنٽ سيڪريٽري نثار احمد بوزدار، لائبريري سيڪريٽري صائمه سومرو، خزانچي بينظير ميمن، مينيجنگ ڪاميٽي جي ميمبرن ذوالفقار علي چنه، نعمت الله سمائر، سعيد احمد قريشي،
حاجي سعيد احمد ميمن، آصف جونيجو، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سرتاج حيدر شر، شاهنواز صديقي ۽ ايڊووڪيٽ آغا صورت شرڪت ڪئي۔سکر پريس ڪلب پاران سڀني معزز مهمانن کي سنڌي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر علي احمد خان پٺاڻ چيو ته: “سکر بار هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي۔ اسان کي اهو سنهري موقعو مليو آهي ته وڪيل برادري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڌيڪ بهتر قدم کنيا وڃن۔قائد صحافت لالا اسد پٺاڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: “محترم قربان علي ملاڻو صاحب وفاقي سطح تي سنڌ جي نمائندگي وڏي جرئت، ايمانداري ۽ ثابت قدمي سان ڪري رهيا آهن۔
هو هميشه حق، سچ ۽ مظلوم ماڻهن جو ساٿ ڏيندا آيا آهن۔ اڄ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ عام ماڻهن کي سندن بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ وڪيل ۽ صحافي گڏجي جدوجهد ڪري رهيا آهن۔ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڪراچي سرور سميجو پنهنجي خطاب ۾ چيو: “بار ۽ پريس ڪلب جو پاڻ ۾ ويجهو لاڳاپو آهي، ۽ اهي ٻئي ادارا عوام جي نمائندگي ڪري رهيا آهن۔ قائد صحافت لالا اسد پٺاڻ ۽ قائد وڪالت قربان علي ملاڻو، سکر جون ٻه اهم ۽ عظيم شخصيتون آهن، جن ادارن کي سکر کان وفاق تائين بهتر طريقي سان اڳتي وڌايو۔قائد وڪالت قربان علي ملاڻو چيو: “مظلوم ۽ لاچار ماڻهن جي ترجماني جا ٻه وڏا ادارا آهن: بار ۽ پريس ڪلب۔
انهن جو اصل فرض آهي ته عوام جي آواز کي حڪومتي ادارن تائين پهچائين۔تقريب جي مڪمل نظامت سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو سرانجام ڏني۔تقريب ۾ سينيئر صحافي ياسر فاروقي، سکر يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، فوٽو جرنلسٽس جي صدر جاويد گھڻو، سينيئر ڪيمرامين بخش علي ڦلپوٽو، مرتضیٰ سميجو، طفيل وسطڙو سميت ڪيترن ئي صحافين، فوٽوگرافرن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي۔
جُون 29, 2025