سکر: صالح پٽ جلوس جي روايتي روٽ بابت مجلس وحدت المسلمين جي ڊي سي سان اهم ملاقات، روايتن جي بحالي ۽ گرفتار عزادارن جي آزادي جو مطالبو

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) صالح پٽ جلوس جي روٽ واري مسئلي تي ڊي سي سکر ايم بي راجا ڌاريجو سان مجلس وحدت المسلمين پاڪستان جي اڳواڻن جي اهم ملاقات، پراڻي روايتي روٽ جي بحالي ۽ ناجائز گرفتار ٿيل ماڻهن جي آزادي جو مطالبو

ضلعي سکر جي تعلقي صالح پٽ ۾ جلوسِ عزاداري جي روٽ بابت پيدا ٿيل مسئلن جي فوري حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سکر جناب ايم بي راجا ڌاريجو سان مجلس وحدت المسلمين پاڪستان سنڌ جي صوبي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ضلعي پيس ڪميٽي جي ميمبر چودھري اظهر حسن، مجلس وحدت المسلمين ضلعو سکر جي صدر محسن سجاد اتراء ايڊووڪيٽ، نائب صدر مولانا انور صابري،

 جنرل سيڪريٽري احسان شر ايڊووڪيٽ، پرويز جتوئي ايڊووڪيٽ، وحدت ايمپلائيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالله بلوچ، وحدت يوٿ  سکر ڊويزن جي نبيـل حيدر ۽ ٻين اهم اڳواڻن ملاقات ڪئي.ملاقات دوران صالح پٽ ۾ عزاداري جي جلوس جي روايتي روٽ کي تبديل ڪرڻ واري ڪوششن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. سڀني شرڪت ڪندڙن اتفاق سان زور ڀريو ته عزاداري جو تاريخي ۽ روايتي جلوس رڳو پنهنجي پراڻي روٽ تان ئي نڪرندو ۽ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کي ان تي مڪمل عمل ڪرائڻو پوندو. فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به قسم جو متبادل يا نئون رستو هرگز قبول نه ڪيو ويندو.

ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن انتظاميه طرفان اڄ ڪيل ناجائز گرفتاريءَ تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته پرامن عزادارن جي گرفتاري سراسر ناانصافي آهي ۽ انهن سمورن ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.ملاقات ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته صالح پٽ جي مقامي ذميوارن سان مشاورت ۽ سهڪار سان ان مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو ويندو، جيئن هر سال جلوس عزاداري پنهنجي تاريخي روٽ تي، پرامن ۽ منظم انداز سان جاري رهي.

شرڪت ڪندڙن زور ڀريو ته سڀني آئيني ۽ قانوني ذريعن کي استعمال ڪندي، مجلس وحدت المسلمين، پيس ڪميٽي ۽ ٻيون تنظيمون اتحاد، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪندي رهنديون.

جُون 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو