سيوهڻ ۾ محرم الحرام لاءِ ميونسپل ڪاميٽي سرگرم، صاف صفائي ۽ سهولتن جي فراهمي تي زور
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي ) محرم الحرام جي حوالي سان ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جو عملو سرگرم، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي جي خاص هدايتن تي ماتمي جلوسن جي رستن جي صاف صفائي ۽ سهولتن جو عمل جاري ۽ ساري آھي،
سيوھڻ شھر ۾ محرم الحرام جي آمد تي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ سيد شهزاد حيدر شاهه جي هدايت تي ميونسپل ڪاميٽي جو عملو مڪمل طور تي سرگرم نظر اچي رهيو آهي، جتي امام بارگاهن، ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، رستن ۽ گلي محلن جي صاف صفائي جو عمل تيزي سان جاري آهي، گرمي جي شدت کي نظر ۾ رکندي مختلف ماتمي هنڌن تي وڏا اليڪٽرڪ پنکا لڳايا ويا آهن ته جيئن عزادارن کي آساني مهيا ٿي سگهي،
ان سلسلي ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ سيد شهزاد حيدر شاهه جو چوڻ هو ته محرم الحرام عزت ۽ احترام جو مهينو آهي، ان ڪري شهرين، عزادارن ۽ مؤمنن کي سهولتن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، سڀني واسطيدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به شڪايت جو فوري ازالو ڪيو وڃي.
جُون 29, 2025