سيوهڻ شريف ۾ محرم الحرام جي آمد سان ماتمي جلوسن جو آغاز، غازي عباس علمدار جي ذري مبارڪ جو روايتي جلوس درگاهه قلندر تي ختم
سيوھڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي ) محرم الحرام جو چنڊ ڏسجڻ کانپوء سيوھڻ شھر ۾ ڏينھن رات ماتمي جلوسن جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي ، محرم الحرام جي سلسلي ۾ سيوهڻ شريف ۾ ھر سال جيان ھن سال به حضرت غازي عباس علمدار جي ياد ۾ ذري مبارڪ جو ماتمي جلوس لڪياري ساداتن جي پڙ تان برآمد ڪيو ويو،
جيڪو پنهنجي ھر سال جيان ھن سال به پنھنجي روايتي روٽ تان ٿيندو درگاهه حضرت سخي لعل شھباز قلندر رحمت الله عليه جي مزار تي اختتام پذير ٿيو، ھن ماتمي جلوس ۾ سيوھڻ شھر جي ساداتن، ۽ سيوھڻ شھر جي مومنن ۽ عزاداران وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ۽ ڪربلا جي شھيدن کي پرسو ڏنو.
جُون 29, 2025