سوات سانحو: ڪي پي سرڪار ڊپٽي ڪمشنر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

سوات (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن سوات درياهه ۾ آيل ٻوڏ وهڪري ۾ 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت طرفان ڊپٽي ڪمشنر سوات کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.
صوبائي سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊي سي سوات سان گڏ 18هين گريڊ جي هڪ ٻئي آفيسر کي به واقعي کانپوءِ معطل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته جمعي ڏينهن سوات درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ هڪ تيز وهڪرو لڙهي ويل هڪ ئي ڪٽنب جا 10 ڀاتي ٻڏي فوت ٿي ويا هئا.
مجموعي طور تي 16 ماڻهو وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا جن مان 3 ڄڻن کي بچايو ويو، 10 فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.