سليم العارفين جي رومانوي شاعري

Spread the love

شاعري وقت ۽ هنڌ جي محتاج ناهي هوندي. شاعري وقت ۽ هنڌ کي ماري وجهي ٿي. اٽليءَ جي مشهور ڏاهي   T Marinette .F  (ٽي ميرينيٽ ايف) لکيو هو،

Time and space died yesterday, we already live in the absolute,

We will destroy the museums, libraries and academies of every kind,

We say the world’s magnificence has been enriched by a new beauty, the beauty of speed.

يعني وقت ۽ هنڌ ڪلهه  مري ويا ۽ اسين سڀيئي لاڳاپا لاهي پيا رهون. اسان هر طرح جا عجائب گهر،  لائبريريون ۽ ۽ اڪيڊميون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏينداسين. اسان چئون ٿا ته دنيا جي عظمت هڪ نئين سونهن ۽ حسن سان ڀرجي وئي آهي ۽ اها سونهن رفتار جي آهي. مئرينٽ اهي عجائب گهر، لائبريريون ۽ اڪيڊميون پٽ ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي فرد کي ڊيڄارين ٿيون. ڊپ ۽ خوف فرد جي آزادي مجروح ڪن ٿا. ۽ شاعري ته نالو ئي سوچ جي آزادي جو آهي. شاعري ڪنهن جي به تابع ناهي، نه سماج جي نه مذهب جي نه تاريخ جي نه فلسفي ۽ سائنس جي ته نڪو وري نفسيات شاعريءَ کي تابع ڪري سگهي آهي. شاعري جيڪڏهن ڪنهن شئي کي مڃيو آهي ته اهو هڪ آهي حُسن ٻيو آهي عشق! شاعري لاشڪ عشق ۽ حسن جي تابع هئي ۽ اڄ به  آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هميشه رهي. حسن جيڪو ڏسندڙ کي موهي ڇڏي؛ عشق جيڪو سرجو سوالي هوندو آهي. ۽ عاشق ايسيتائين چوڻ ۾ به حق به جانب هوندو آهي ته ، ”ايءُ شڪر الحمد، جو مٿو گهريوئي مڱڻا“

باقي فطرت جي فرزند هئڻ جي ناتي شاعر هميشه فطرت جي هنج  ۾ جيئندو رهيو آهي. توڙي جو ڪٿي ڪٿي فطرت مٿس نامهربان به رهي آهي، پر پوءِ به نارائڻ شيام چواڻي،

ماءُ ڏنس پئي مار، پوءِ به چنبڙي ماءُ کي، ٻار ڪڍيا پئي پار!

انسان ان ٻارڙي وانگر وري به فطرت سان پيار ڪيو آهي ۽ ان ۾ پناهه ورتي آهي. اڻويهين صديءَ جي لاجواب فطرت پرست شاعر William wordsworth جو مشهور نظم World is too much with us ڪجهه هن طرح آهي ته:

سمنڊ، چنڊ آڏو، پنهنجي ڇاتي اگهاڙي ڪئي آهي!

هر گهڙي گهو گهٽ ڪندڙ هوائون، ننڊ اکڙن گلن وانگر سانت آهن.

سونهن جو اصل محور فطرت آهي ۽ عشق جو محور انسان آهي. يعني شاعري فطرت ۽ فرد، ۽ فرد ۽ فرد جي ٽڪنڊي ۾ اٿندڙ عظيم احساس جو نالو آهي؛ جيڪو مڪان ۽ زمان کان مٿانهون ٿي وڃي ٿو. هونئن به خاص طور تي رومانوي شاعري ته زمان ۽ مڪان کي لتاڙي وڃي ٿي.

سليم العارفين بنيادي طور تي رومانوي شاعر آهي؛ ۽ رومانوي شاعري جو جوهر ۽ اهميت ڪڏهن به ختم ٿيڻا ناهن. مزاحمتي شاعري ايسيتائين اهم هوندي جيسيتائين مزاحمتي عنصر، جوهر ۽ مقصد گهربل هوندا. مقصد پوري ٿيڻ سان مزاحمت پاڻ هرتو يعني خود بخود ختم ٿي ويندي آهي. پر انسان پيار ڪرڻ تيسيتائين ناهي ڇڏيندو جيسيتائين هو جيئرو هوندو آهي. روءِ زمين تي جيسيتائين ڪا پيار ڪندڙ دل ڌڙڪندي رهندي رومانوي شاعري دل جي ان ڌڙڪي ۾ جيئري رهندي.

سليم العارفين وٽ حسن جو تصور وڻندڙ آهي، نه صرف هن وٽ حسن جو تصور وڻندڙ آهي، بلڪه هو پنهنجي شاعريءَ ۾ محبوب سان سهڻي گفتگو پڻ ڪري ٿو.

ائين منهن نقابن ۾ ڇو ٿو لڪائين،

چھرو چنڊ وانگي نٿو ڇو سجائين.

ڏني سونهن قدرت آ اڻ مئي توکي

فطرت جي مظھر کي ڇو ٿو گهنجائين.

نزاڪت نفاست جا انداز احسن

ڍڪي پوش تن تي ڇو گڻ ٿو گهٽائين.

جواني ۽ جذبن تي ايڏو جبر ڇو

حيا جي حدن ۾ ٿو جيءُ کي جلائين.

هيڏي حليمت حسن ۾ هي” عارف“

ملئي شل وڇوڙو ته عاشق چوائين.

هن غزل ۾ محبوب جو حسن و جمال آهي. حسن ڪائنات جو مرڪزي جوهر آهي؛ اهو ڪنهن چهري ۾ هجي يا فطرت جي ڪنهن لقاءَ ۾، ڪنهن گلن جي جهڳٽي ۾ هجي، ڪڪر ۾ هجي، ٽڪر ۾ هجي، موسم ۾ هجي، نديءَ ۾ هجي، نديءَ ۾ ترندڙ چنڊ جي عڪس ۾ هجي، هرڻ جي نگاهه ۾ هجي يا مور جي ناچ ۾!  يا وري ڪنهن نوورنيءَ جي لڄادار مرڪ ۾ هجي، سندس پنبڻين ۽ پيشانيءَ ۾ هجي يا سندس ڳل جي چگهه ۾ هجي، سندس ڪونج جهڙي ڳچيءَ ۾ هجي، ڳچيءَ ۽ ڪلهن جي ڇيڙي ۽ وڇوٽيءَ جي کُٻ ۾ هجي، ٻانهن جي گولاين ۾ هجي، مخروطي آڱرين ۾ هجي، نرم هٿن ۾ هجي، ملائم چم ۾ هجي يا پيرن جي پدم ۾ هجي! حسن هر هنڌ جاودان آهي. سونهن ڪڏن به ختم ناهي ٿيندي، جسم ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن جسم ختم ٿيندو آهي ته سڀني کان اڳ مان سونهن هجرت ڪري ان ازلي ۽ اصلي سونهن جي خزاني ۽ سمونڊ ڏانهن هلي ويندي آهي؛ جتان اها ايندي آهي. سونهن پنهنجا روپ مٽائي مختلف وقتن ۾ مختلف جسمن ۽ فطري لقائن تي نازل ٿيندي آهي؛ ۽ پوء وري وقت اچڻ تي اتان هجرت به ڪري ويندي آهي. پر ان مخصوص وقت ۾ موجود هوندي آهي. اها پڻ حقيقت آهي جيئن اسان اڳ به لکيو آهي ته سونهن وقت جي محتاج ناهي. باقي سونهن جو نزول پاڻ هرتو ۽ فطري ٿيندو آهي.

ڏنا نيڻ مخمور مالڪ اوهان کي، پسڻ لاءِ پرور جي خلقيل جهان کي،

مگر قهر قاتل نظر ۾ ڀري تون، نه خلقت تي خنجر اکين سان هلائي،

گلابن کان گهرا ٻه نازڪ عطا ڪيا، خدا لب اوهان کي ڀريل چاش چاهت

تنهنجو کهرو لهجو ٿو مونجهائي تن کي، ائين ساءُ سڳنڌ کي نه رڻ ۾ رلائي

چوڏهين چنڊ جهڙي چھري تي تنهنجي، چانڊاڻ ورکا ڳلن تي ڪئي خالق،

ڪري لال ڪاوڙ ۾ رخسار پنهنجا، مصور جي رنگت نه مک تان اڏائي.

سليم العارفين سونهن ۽ عشق جو شاعر آهي. هن جون  تشبيهون، استعارا ۽ تلميحون وڻندڙ آهن. هن وٽ شاعريءَ جو هنر آهي ۽ پنهنجي هنر جي طفيل اسان کي وڻندڙ ڪائنات ۾ وٺي وڃي ٿو، جتي عشق ۽ سونهن موجزن آهن. ائين چئجي ته به ڳالهه درست هوندي ته سليم العارفين جي شاعري سونهن ۽ عشق جو ميلاپ آهي. ڪٿي سونهن پنهنجي سرمستيءَ سان جلوه گر آهي ته ڪٿي عشق عجز ۽ عاجزيءَ جي تصوير بڻجي بيهي رهي ٿو. بحرحال حسن کي ناز سونهين ٿو ۽ عجز عاشقيءَ جو شيوو آهي.

سيني سان لڳايو، هٽايو ڇڏي،

منهنجو يار مونکي سڪايو ڇڏي.

خماريل اکين ساڻ مرڪيو ڏسي،

وري نيڻ پنهنجا جهُڪايو ڇڏي.

کڻيو منهن تان گهونگهٽ ڏسي ناز مان،

وري مک ادا سان لڪايو ڇڏي،

نهاريان ته مرڪيو پوي ٿي مٺي،

ائين سونهن پنهنجي وڌايو ڇڏي.

رکي چپ چپن تي اکين کي چُمي،

جهجهو پيار ڏيو مون ڇڏايو ڇڏي.

ڪڏهن آهي سپنو، ڪڏهن سوچ آ،

ڪڏهن ننڊ منهنجي ڦٽايو ڇڏي.

منهنجو يار ” عارف“ اي منهنجا خدا

اڳيان ڪنڌ تنهنجي نمايو ڇڏي.

جتي سليم العارفين سونهن ۽ عشق جو شاعر آهي؛ اتي ئي ها اتي ئي هو سماج جي تصوير به پيش ڪري ٿو. هڪ سجاڳ شاعر پنهنجي دور جو مورخ به هوندو آهي، عڪاس ۽ نقاش به هوندو آهي ته  نقاد پڻ هوندو آهي. جتي سليم العارفين جي شاعريءَ ۾ تصوارتي ۽ خوبصورت ڪائنات آهي اتي ئي سندس شاعريءَ ۾ موجوده حالتن جي نوا ۽ چٽي تصوير پڻ موجود آهي.

ڇا ڪو گھگھ انڌيرو هوندو، يا ڪو نج سويرو هوندو.

جيون لاٽ اجهائڻ کانپوءِ، موت سندو هڪ گهيرو هوندو.

طاقت جي مقدار جي آڏو، مقصد جو معيار ڪري پئي.

ارڏو گڏجي جابر سٿ سان، ايڏو من ڪو ميرو هوندو.

مسجد جا مينار بلند ۽، درس حرم جو خاص تقدس،

بدليو ڪيئن بارود سرنگھ ۾، ان ۾ هٿ وڏيرو هوندو.

پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏيري جي جابر ۽ سفاڪ هٿن تي جُلهه ڪندڙ سليم العارفين سونهن پرور حسين محبوبه جي هٿن تي پنهنجي جبين جهڪائيندي نظر اچي ٿو. سندس اهڙي شاعري پڪ ئي پڪ وقت ۽ هنڌ کي گهڻو پوئتي ڇڏي ويندي.

جُون 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو