”ريسڪيو ٽيمون آيون، پر ڪائي مدد نه ڪيائون“ سوات واقعي ۾ بچي ويل شهري جو بيان

Spread the love

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات درياهه سانحي جي بچي ويل مردان واسي روح الامين چيو آهي ته ريسڪيو ٽيمون موقعي تي ته پهتيون، پر ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي.
گذريل ڏينهن سوات درياهه ۾ چاڙهه سبب 17 سياح پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا، جن مان چئن ڄڻن کي بچايو ويو، 11 ڄڻن جا لاش هٿ آيا ۽ باقي ٻن جي ڳولا جاري آهي.
روح الامين هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ” اسان درياهه جي ڪناري تي بيٺل هئاسين ته اوچتو چاڙهه آيو ۽ هڪ تيز وهڪرو سڀني کي پاڻ سان لوڙهي ويو ،جنهن مان 6 ماڻهو ته بچي ويا، پر ٻيا سڀ لڙهي ويا.
هن چيو ته امدادي ٽيمون موقعي تي پهتيون پر ڪنهن کي به بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
واضح رهي ته روح الامين ڌيءَ ۽ سئوٽ جا لاش هٿ آيا آهن، پر سندس پٽ اڃا تائين گم آهي.

جُون 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو