دادو ۾ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي نياز چانڊيو کي 10 گوليون لڳيون، ميڊيڪل رپورٽ پڌري صحافتي تنظيمن پاران احتجاج جو چتاءُ
دادو(ڊ ر) ڪچهري روڊ تي 6 ڏينهن اڳ ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن صحافين جي حالت اڃا ڳڻتي جوڳي، نياز چانڊيو کي ميڊيڪل رپورٽ ۾ 10 گولين جي تصديق جڏهن ته پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، جنهن تي صحافتي تنظيمن سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي 24 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ صوبي گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي ڇهه ڏينهن اڳ جاني پرنٽنگ تي هٿياربندن اوچتو فائرنگ ڪري ڏني هئي،
جنهن ۾ نياز چانڊيو کي 10 گوليون لڳيون هيون، جڏهن ته صحافي رفيق چنه به گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو هو. ميڊيڪل رپورٽ موجب نياز چانڊيو جي جسم ۾ لڳل گولين سبب کيس انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي رفيق چنه جي طبيعت به وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ کيس سيوهڻ اسپتال مان آءِ سي يو ذريعي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس ڦڦڙن ۾ رت ڄمڻ جي ڪري علاج هلي رهيو آهي.
ان واقعي جو ڪيس پوليس طرفان حملي ۾ زخمي نياز چانڊيو جي سئوٽ محمد خان جي فرياد تي ٿاڻي اي سيڪشن تي داخل ڪيو ويو هو تنهن باوجود ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي،صحافتي تنظيمن جو چوڻ آهي ته صحافين تي قاتلاڻا حملا اظهار جي آزادي ۽ حق سچ لکڻ خلاف ڪارروائيون آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون. صحافي تنظيمن جو مطالبو آهي ته حملي ۾ ملوث عناصر کي جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي،
جُون 29, 2025