پنجاب:مخالف ڌر جا 26 ميمبر وزيراعليٰ جي تقرير دوران احتجاج ڪرڻ تي معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر 26 مخالف ڌر جي ميمبرن کي 15 سيشنن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن خلاف ريفرنس موڪلڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر موجب، 26 مخالف ڌر جي ميمبرن خلاف هنگامو، نعريبازي، گوڙ ڪرڻ ۽ دستاويز ڦاڙڻ جي الزامن تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.
هن چيو ته ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي انهن ميمبرن کي 15 سيشنن لاءِ ِ اسيمبلي مان معطل ڪيو ويو آهي.