فوج جي پگهارن ۽ الائونسز لاءِ 15 ارب کان وڌيڪ جي گرانٽ منظور

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين رهتن لاءِ بچاءَ واري وزارت کي کي 15 ارب 83 ڪروڙ 90 لک رپين جي گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معيشت، توانائي ۽ خوراڪ جي تحفظ بابت ڪيئي اهم فيصلا ڪيا ويا.
اي سي سي موجب، منظور ڪيل رقم تازو پاڪ-ڀارت جنگ ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جي وارثن لاءِ وزيراعظم پئڪيج تحت رهتن جي ادائيگي لاءِ ڏني ويندي.
ان کانسواءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته ننڍن آبادگارن ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن لاءِ رسڪ ڪور اسڪيم شروع ڪرڻ جي تجويز به منظور ڪئي وئي، جنهن جي باضابطا شروعات 14 آگسٽ 2025 تي متوقع آهي.

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو