سکر ۾ ناري فائونڊيشن جو احتجاج: مالياتي انصاف، قرض معافي ۽ موسمياتي فنڊنگ جو مطالبو
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ ناري فائونڊيشن احتجاجي مظاهرو ڪندي دنيا ۾ مالياتي انصاف جي گھر ڪندي جنگين، نسل ڪشي، هٿيارن فوسل فيول سبسڊي ۽ اندروني آمرانه قدمن تي ٿيندڙ خرچ کي قرض لاهڻ، ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۽ موسمياتي ڦيرگھير کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي. ناري فائونڊيشن مالياتي انصاف لاءِ سکر ويجھو روهڙي جي سياحتي ۽ تفريحي هنڌ ستين جي آستان تي احتجاجي مظاهروڪيو. ناري فائونڊيشن جي چيئر پرسن افشان اصغر ۽ پروگرام مئنيجر شازيه عباسي،
ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شبانه خاڪي، آمنه گھانگھرو چيو ته ايف ايف ڊي 4 بين الاقوامي ڪانفرنس جي دنيا جا هزارين ماڻهو ماليات ترقي لاءِ جو عزم ڪندي دنيا جي 41 ملڪن جي 149 شهرن ۾ عام شهري 27 کان 29 جون تائين احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن. عالمي سطح تي، اهي احتجاج بين الاقوامي مالي نظام ۾ سڌارن جو مطالبو ڪري رهيا آهن،
جن ۾ قرض معاف ڪرڻ، دولت ٽيڪس، ۽ موسمياتي ماليات جي فوري فراهمي جهڙا قدم شامل آهن. دنيا ۾ جاري مالياتي ناانصافين جي ازالي لاءِ مالي ادائيگيون ڪرڻ جي ضرورت آهي. دنيا۾ مختلف حڪومتون فوسل فيول سبسڊي، جنگين، نسل ڪشي، فوجي سازي، ۽ اندروني آمرانه قدمن تي ٽريلين ڊالر خرچ ڪري رهيون آهن، پر پنهنجي مالي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن. ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊئريڪٽر انور علي مهر چيو پاڪستان ماحولياتي آفتن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي،
سنڌ، بلوچستان ۽ سڄي پاڪستان ۾ ماڻهو مسلسل ٻوڏ، خشڪ سالي ۽ معاشي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيون آهن جڏهن ته بين الاقوامي مالي ادارا ڪفايت شعاري جي قدمن ۽ قرض جي ادائيگي تي زور ڏئي رهيا آهن. پاڪستان سميت سڀني ملڪن ۾ مالياتي وسيلا موسمياتي ڦيرگھير کي منهن ڏيڻ، قرضن ۾ رليف ۽ عوام جي ترقي تي خرچ ڪرڻ ضرورت آهي. هنن مطالبو ڪيو ته دنيا جي ڏاکڻين ڀاڱي ۾ ملڪن تي چڙهيل قرض معاف ڪري مالي وسيلا عوامي ترقي ۽ معيار زندگي بحال ڪرڻ تي خرچ ڪيو وڃي. ڊاڪٽر ارشاد علي، ايڊووڪيٽ حيدر علي، شعور جوڻيجو، عبدالوحيد ۽ ٻين سياسي سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪئي.
جُون 28, 2025