سيپڪو جي مبينا زيادتين ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف زوار ڪاشف حسين جو احتجاج، بجلي جي بحالي جو مطالبو

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) باگڙجي شاهي بازار جي رهواسي زوار ڪاشف حسين ميمڻ پاران سيپڪو جي مبينا زيادتين ۽ علائقي ۾ ڊگهي بجلي جي بندش خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته سيپڪو گذريل ٻن سالن کان علائقي ۾ بنا اعلان جي لوڊشيڊنگ ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ته بجلي مڪمل طور بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب گهريلو ۽ واپاري سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن۔

هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ بجلي جي بندش سبب عزادارن کي مجلسن ۽ عزاداري دوران ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي پيو، جڏهن ته اسان جي بار بار شڪايتن باوجود ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي۔ متاثر شخص اعليٰ عملدارن ۽ سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي علائقي ۾ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي۔

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو