زبردستي برطرفي ۽ پگهار بندش خلاف احتجاج، حبيب الله ٻرڙو پاران نوڪري جي بحالي جو مطالبو
سکر (بيورورپورٽ) نوڪري مان زبردستي برطرفي ۽ پگهار جي عدم ادائيگي خلاف پنو عاقل جي ڳوٺ عمر ٻرڙو جو رهواسي حبيب الله ولد قاسم ٻرڙو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 1995ع ۾ عوامي نمائندن جي ڪوششن سان مون کي پارليامينٽ ۽ منهنجي ڀاءُ عبدالرشيد کي سپريم ڪورٽ ۾ اسپيشل ڪوٽا تحت نوڪري ڏني وئي ھئي جيڪا اسان ڀائرن ايمانداري سان نڀائي۔ڪجهه سال اڳ مون کي پارليامينٽ مان واپس ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ تبديل ڪيو ويو،
نوڪري کي ويهه سال ٿي ويا آهن، ٽي سال اڳ مان موڪلون گذارڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ آيو هئس جڏهن واپس ويس ته مون کي نوڪري تان معطل ڪيو ويو ۽ پگهار به بند ڪئي وئي آھي جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي۔نوڪري جي بحالي ۽ پگهار جي ادائيگي لاءِ چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتي جي اعليٰ آفيسرن جي آفيسن ۽ گهرن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان، پر اڃا تائين مون کي انصاف نٿو ملي۔ متاثر شخص اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي ۽ بند ٿيل پگهار جاري ڪئي وڃي۔
جُون 28, 2025