روهڙي ڪئنال مان نوجوان جو لاش هٿ، وارثن پاران ريسڪيو 1122 تي عدم تعاون جو الزام
سکر(بيورورپورٽ) روهڙي جي ڇوهارا مارڪيٽ لڳ ڳوٺ خانڻ ماڇي جو رهواسي نوجوان سجاد علي پٽ اربيلو ميراڻي جو روهڙي ڪئنال مان لاش ھٿ۔لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو۔فوتي جي وارثن پارارن ريسڪيو 1122 عملي مٿان عدم تعاون جو الزام ۔پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ڪڍيو آھي ڳوٺاڻا۔ان سلسلي ۾ روهڙي ٿاڻي جي حد ڇوهارا مارڪيٽ لڳ ڳوٺ خانڻ ماڇي جو رهواسي نوجوان سجاد علي پٽ اربيلو ميراڻي جو روهڙي ڪئنال مان لاش هٿ آيو ان ڏس ۾ سندس مائٽن لالو ميراڻي.
رفيق محمد پناهه ميراڻي خادم ميراڻي اربيلو ميراڻي امجد علي ميراڻي شير علي ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سجاد علي گزريل ڏينهن گهران نڪري ويو ته دير تائين گهر نه پهچڻ تي ساڻس موبائيل فون تي رابطو ڪيو ته موبائيل فون بند هئي جنهن کانپوء تلاش شروع ڪئي ته معلومات ملي ته روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويو آھي نوجوان مرگهي جو مريض ھو دورو پوڻ سبب ٻڏي ويو ۔هنن الزام هنيو ته 1122ريسڪيو وارن کي ڪال ڪئي پر لاش کي ڪڍڻ لاء نه آيا جنهن بعد پنهنجي مدد پاڻ تحت نوجوان جو لاش ڪڍيو آھي۔لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو۔
جُون 28, 2025