دادو: تاج ڪالوني ۾ افسوسناڪ واقعو هڪ نوجوان ڳلو ڪٽيل زخمي حالت ۾ هٿ

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد تاج ڪالوني ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ نوجوان ڳلو ڪٽيل زخمي حالت ۾ هٿ آيو. علائقي واسين نوجوان کي رت ۾ لت پت ڏسي فوري طور بي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو. پوليس موجب،

زخمي نوجوان جي سڃاڻپ تاج ڪالوني جي رهواسي ڪاشف پٽ قربان علي ملاح طور ٿي آهي، جيڪو هن وقت سول اسپتال ۾ زير علاج آهي زخمي نوجوان ڪاشف پوليس کي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ هن پيسن عيوض سهري محمد خان ملاح جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي، پر سندس ساھرن زبردستي سندس زال کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو.

ڪاشف جو چوڻ آهي ته جڏهن هن پنهنجي گهرواري کي واپس گهرڻ لاءِ ساھرن وٽ ويو ته سهري محمد خان ملاح، سڪندر ملاح ۽ ٻين کيس مارڪٽ ڪري زبردستي سندس ڳلو ڪٽي ڇڏيو پوليس موجب، جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته ڪاشف ڪجهه وقت اڳ پنهنجي گهرواري کي طلاق به ڏئي ڇڏي هئي ۽ ممڪن آهي ته نوجوان پاڻ به جذباتي انداز ۾ پنهنجي ڳلي تي بليڊ هڻي زخمي ٿيو هجي، پر پوليس سمورا پهلو جاچ ڪري رهي آهي ته اصل حقيقت سامهون آڻي سگهجي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاشف جي بيانن جي روشني ۾ سهري ۽ ٻين ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي،

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو