ايريگيشن کاتي جي نااهلي سبب پاٽ شريف سميت سوين ڳوٺ ٻڏڻ جي خطري ۾، رهواسين پاران حفاظتي اپائن جو مطالبو

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽر: غلام حيدر پنھور)ايريگيشن کاتي جي نااهلي ،تاريخي شهر پاٽ شريف سميت سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو نه ٽريو ، پاٽ شريف وٽان دادو ڪينال جي ڪپرن کي مظبوط ڪرڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا ، ڪپرن ۾ (سويٽ) مٺي مٽي نه هجڻ ڪري گزريل رات پوندڙ ٿورڙي برسات سبب ڪپرن ۾ کڏا پئجي ويا ، ڪپرن حفاظت لاء ڪچا ملازم به نه رکيا ويا ، ڪپرن ۾ پيل کڏا رهواسين پنهنجي مدد پاڻ بند ڪري ڇڏيا ، ان موقعي تي رهواسين مخدوم شفيق الرحمان صديقي ، خالد منگي ،

مير مختيار برهماڻي ، آصف چنه ، نزاڪت چانڊيو ، ڀورل ميمڻ ۽ ٻين چيو ته دادو ڪينال کي پاٽ شريف وٽان  گهارا پوڻ معمول بڻيل آھن جنهن لاء گزريل ڪيترن ئي ورهين کان دانهون رڙيون ڪندا ٿا اچون پر دادو ڪينال جي ڪپرن جي خاطرخواه مرمت نه ٿي ڪئي وڃي ، سانوڻي جي تيز برساتن جي اڳڪٿي باوجود به ايريگيشن پاران ڪپرن جي حفاظت لاء ڪچا ملازم به نه رکيا ويا آھن نه ئي ڪي ٻيا اپاء ورتا ويا آھن ،

هنن چيو ته ڪپرن ۾ مٺي مٽي نه هجڻ ۽ جڪن جي واڻي نه هجڻ ڪري پاڻي ڪپرن جو ڳچ حصو کائي وڃي ٿو جنهن سبب گهارا پوڻ روز جو معمول بڻيل آھن ، گزريل ڏينهن پيل سانوڻي جي ٿوري پيل برسات ڪپرن ۾ وڏا کڏا وجهي ڇڏيا جيڪي ڪچا ملازم نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ بند ڪري ڇڏيا آهن پر ايريگيشن پاران ڪپرن جي حفاظت لاء ڪي به اپاء نه ٿا ورتا وڃن ،

رهواسين ايريگيشن جي اعلا اختيارين سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڪپرن تي مٺي مٽي وجهرائڻ سميت نگراني لاء ڪچا ملازم رکيا وڃن

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو