ايران جوهري پروگرام شروع ڪيو ته ٻيهر حملو ڪنداسين: آمريڪي صدر

Spread the love

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران يورينيم جي افزودگي جي ”ريڊ لائين“ پار ڪئي ته آمريڪا ٻيهر ان تي حملو ڪندو.
وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافيءَ کائنس پڇيو ته جيڪڏهن ايران يورينيم جي افزودگي کي ان سطح تائين آڻي ٿو، جيڪا اوهان لاءِ ريڊ لائين آهي ته ڇا آمريڪا ايران تي ٻيهر حملو ڪندو؟ جنهن تي صدر ٽرمپ مختصر جواب ڏيندي چيو ته ” بالڪل، ان ۾ ڪو شڪ ناهي.“
ان موقعي تي ٽرمپ اهو به چيو ته کيس نه ٿو لڳي ته ايران ٻيهر پنهنجو جوهري پروگرام شروع ڪندو.
سندس چوڻ هو ته ايران کربين ڊالر پنهنجي ايٽمي پروگرام تي خرچ ڪيا آهن ۽ هاڻ ان وٽ ان کي هلائڻ جي سگهه به نه بچي آهي.

ايران ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين جي بحالي چاهي ٿو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي دعويٰ ورجائيندي چيو آهي ته ايران ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين جي بحالي چاهي ٿو.
جمعي ڏينهن وائٽ هائوس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ٽرمپ چيو ” توهان کي خبر آهي ته ان (ايران) جا شيطاني ايٽمي مرڪز تباهه ڪيا ويا آهن، تنهنڪري ايران آمريڪا سان رابطي ۾ اچڻ چاهي ٿو.“
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس نه ٿو لڳي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ به ايران جوهري هٿيار ٺاهڻ جو ارادو ڪندو.

خبر هئي ته خامنه اي ڪٿي لِڪل آهي، مون ته ايراني سپريم ليڊر کي بچايو پر هن ٿورو به نه مڃيو: صدر ٽرمپ
ان کان اڳ، سوشيل ميڊيا پليٽفارم ”ٽروٿ“ تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ لکيو ته ” ايران تباهه ٿي چڪو هو، 3 ايٽمي مرڪز ختم ڪيا ويا ۽ مون کي اها به خبر هئي ته آيت الله خامنه اي ڪٿي پناهه ورتي هئي، پر پوءِ به مون اسرائيل ۽ آمريڪي فوج کي کيس قتل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.“
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آيت الله علي خامنه اي هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته ايران اسرائيل خلاف جنگ ۾ ”فاتح“ بڻجي اُڀريو آهي.
ان بيان تي ردعمل ڏيندي ٽرمپ چيو ته ” مون ته ايراني سپريم ليڊر کي بچايو ۽ هن ته منهنجو شڪريو به ادا نه ڪيو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” ايراني سپريم ليڊر جنگ ۾ پنهنجي فتح جي دعويٰ ايتري بيوقوفي سان ڇو ڪئي؟ آيت الله خامنه اي ڪيئن چئي سگهي ٿو ته هن اسرائيل خلاف جنگ کٽي ورتي آهي؟ هو ڄاڻي ٿو ته اِهو ڪوڙ آهي، ۽ هڪ ايماندار شخص لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ صحيح نه آهي.“
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ”مون کي خبر هئي ته خامنه اي ڪٿي لڪيل هو، پر مون اسرائيلي يا آمريڪي فوج کي کيس مارڻ جي اجازت نه ڏني.“

جُون 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو