ڪرسٽيانو رونالڊو جي سعودي ڪلب النصر سان معاهدي ۾ ٻه سال واڌ

Spread the love

رياض (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو سعودي عرب جي النصر ڪلب سان وڌيڪ ٻن سالن جو معاهدو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هو 2027 تائين ان جو حصو رهندو.
النصر ڪلب جي انتظاميا چيو آهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو سان باضابطا طور معاهدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، اسٽار فٽبالر ايندڙ ٻن سالن تائين ڪلب جو حصو رهندو.
ان حوالي سان پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته هڪ نئين باب جي شروعات ان ئي جذبي ۽ خواب سان ٿي آهي، اچو ته گڏجي تاريخ لکون.

جُون 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو