پنجابي ۾ رڳو گاريون ڏيڻ اينديون آهن: زارا نور عباس

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا زارا نور عباس انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي پنجابي ٻولي رواني سان ڳالهائڻ ناهي ايندي، رڳو گاريون ڏيڻ اينديون آهن.
زارا نور عباس تازو هڪ پنجابي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، جتي هن کلندي چيو ته مان پنجابي ۾ رڳو گاريون ڏئي سگهان ٿي.
پروگرام جي ميزبان سندس ماءُ اسما عباس هئي، جنهن کي رواني سان پنجابي ڳالهائيندي ڏٺو ويو، جڏهن ته زارا پنجابي ۾ هڪ جملو به رواني سان ادا نه ڪري سگهي.
اداڪارا ٻڌايو ته منهنجي شادي اردو ڳالهائيندڙ خاندان ۾ ٿي آهي، جنهن جي ڪري پنجابي مناسب انداز ۾ نٿي ڳالهائي سگهان.
کانئس سوال ڪيو ويو ته ڇا شادي کان اڳ به کيس پنجابي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي يا وري شادي کانپوءِ رواني متاثر ٿي؟ ان تي زارا چيو ته شادي کان اڳ به پنجابي ٻولي چڱي طرح نه ڳالهائيندي هيس، مون کي پنجابي ۾ رڳو گاريون ڏيڻ اينديون آهن.