مير عطاءُ الرحمان قتل ڪيس ۾ اسد الله مينگل ۽ اختر مينگل جي پٽ سميت 6 ڄڻا نامزد

خضدار (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ مينگل قبيلي سان تعلق رکندڙ اهم سياسي ۽ قبائلي شخصيت مير عطاالرحمان مينگل جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ مينگل قبيلي جي سردار اسدالله مينگل، بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل جي پٽ مير گورگين مينگل سميت وڍ سان واسطو رکندڙ 6 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر محمد جان نالي شخص جي فرياد تي وڍ جي آڙنجي ليويز ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جوابدار ڪلاشنڪوفن سان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مير عطاالرحمان مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ مطيع الرحمان زخمي ٿي پيو.
ايف آءِ آر موجب واقعو کانپوءِ جوابدار گاڏين ۾ فرار ٿي ويا، مير عطاالرحمان کي ڪجهه ڏينهن اڳ وڍ جي آڙنجي علائقي ۾ قتل ڪيو ويوهو.
واضح رهي ته ان حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي قبول ڪئي هئي، پر ايف آءِ آر ۾ سردار اختر مينگل جي ڀائيٽي، پٽ ۽ سندس ساٿين کي نامزد ڪيو ويو آهي.
مير عطاءُ الرحمان ڪير هو؟
مير عطاالرحمان بلوچستان جي اڳوڻي نگران وڏي وزير وزيراعليٰ مير نصير مينگل جا پٽ ۽ جھالاوان عوامي پئنل جي سربراهه مير شفيق الرحمان مينگل جا ڀاءُ هو، مير شفيق جو ڳاڻيٽو صوبي ۽ سرڪار جي حامين ۾ ٿئي ٿو، هو اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور کان وٺي پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف سرگرم رهيو.
گذريل ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ڪورڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحت نسيم، وڌ پهچي اڳوڻي وڏي وزير مير نصير مينگل ۽ مير شفيق مينگل سان تعزيت ڪئي هئي.
ٻئي پاسي، بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) ايف آءِ آر کي بي بنياد قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪئي آهي.
بي اين پي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير آغا حسن بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هي ايف آءِ آر حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ ان واقعي جي ذميواري هڪ پابندي مڙهيل تنظيم قبول ڪئي آهي.
آغا حسن ان ايف آءِ آر کي بلوچستان جي حقن لاءِ اُٿندڙ آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته پارٽي ان خلاف قانوني رستو اختيار ڪندي.