فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست ملڪ آهي ۽ پاڪستان ڀارت کي واضح پيغام ڏئي ٿو ته نه ڪڏهن ڀارت جي اجارداري قبول ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪندو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ مضبوطي سان هم آهنگي ۽ لاڳاپا هئڻ گهرجن.
فيلڊ مارشل چيو ته دهشتگردي اصل ۾ ڀارت جو پنهنجو اندروني مسئلو آهي، جيڪو ان جي اندروني انتهاپسندي، اقليتن سان تعصب ۽ خاص طور مسلمانن سان ظالماڻن روين جو نتيجو آهي.

جُون 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو