سکر ۾ سول ڊفينس پاران پرائيويٽ ادارن لاءِ فائر فائٽنگ ۽ ريسڪيو تربيت، پاڪستان بيوريجز ڪمپني جي 30 ملازمن کي تربيت فراهم

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)سول ڊفينس سکر پڻ پرائيويٽ ڪمپنين ۽ ڪارخانن ۾ تربيتي ورڪشاپون ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. سول ڊفينس سکر جي ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ پاڪستان بيوريجز ڪمپني سکر جي 30 ملازمن کي فائر فائٽنگ ۽ ريسڪيو جي تربيت ڏني.

 ھن موقعي تي ڪرنل ( ر ) شوکت ۽ ڪرنل ( ر ) عبد القیوم چيو ته اوچتو آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر پاڪستاني لاءِ سول ڊفينس جي تربيت حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهڙيون تربيتي ورڪشاپون هر اداري لاءِ لازمي آهن. ان موقعي تي ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ چيو ته سول ڊفينس، پنهنجي سلوگن “بچاؤ ذرا بچ کے” تي عمل ڪندي،

 الله تعاليٰ ۽ پياري وطن پاڪستان جي مفادن لاءِ هر پاڪستاني کي بغير ڪنهن ذاتي مفاد جي ريسڪيو، فائر فائٽنگ ۽ ابتدائي طبي امداد جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي، ته جيئن هر شهري هڪ ذميوار شهري بڻجي سگهي. خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ جو جذبو عظيم آهي، جيڪو سڪون ۽ خوشي ڏئي ٿو.ھن موقعي تي منظور حسين،سفيان احمد،آغا اڪرم دراني،حاجي رياض کوکر، شيخ محمد عدنان، امتياز بھٽو ۽ محمد ادريس کوسو موجود ھيا

جُون 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو