سکر: ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ بعد فاريسٽ آفيسرن خلاف ڦر جي ڪوڙي ايف آءِ آر، عدالت ۽ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) عدالتي حڪم تي ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڪيل آپريشن۔قبضا ڪندڙن پاران رينج فاريسٽ آفيسر شھزادو سروهي ۽ فاريسٽر لياقت چاچڙ مٿان سڌوجا ٿاڻي تي ڦر جي ڪوڙي ايف آء آر داخلڪ ڪرائڻ جو انڪشاف۔ايف آء آر ۾ نامزد ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن پاران معزز عدالت سميت لاڳاپيل اختيارن کان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائڻ سميت جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي ان ڏس ۾ رينج آفيسر شھزادو سروهي ۽ لياقت علي چاچڙ جو چوڻ آھي ته پنوعاقل جي خان ٻيلي ۾ ڊيوٽي دوران  ٻيلي کاتي جي زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي قبضو ڪندڙ چاچڙ ۽ ڪلوڙ برادري سان تعلق رکندڙ ماڻھن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪاروائي ڪندي قبضا خالي ڪرايا هئا جيئن ته اسان جي پوسٽنگ روهڙي ٿي آھي ته قبضا ڪندڙ منصور ولد خيرمحمد ڪلوڙ 20 جون 2025 تي سڌوجا ٿاڻي تي 18 هزار ۽ موبائيل فون ڦر جو ڪيس داخل ڪرايو آھي جيڪو عمل قبضا ختم ڪرائڻ ۾ روڪاوٽ وجهڻ آھي

جڏهن ته ساڳئي جوابدار ۽ ٻين خلاف 13.10.2024 تي سڌوجا ٿاڻي تي سرڪاري زمين تي قبضا ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو هو ان سڏ ۾ ڊويزنل فاريسٽ آفيسرسکر ذيادالله لغاري چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ سميت سنڌ حڪومت۔سيشن جج ۔ايڊيشنل سيشن جج سکر ۔روهڙي۔ايس ايس پي سکر  ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته فاريسٽ ملازمن مٿان مبينه ڦر جو داخل ڪرايل ڪيس ختم ڪرائڻ سميت جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي فاريسٽ عملدارن ۽ عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن عدالتي حڪم تي عمل ڪري سرڪاري زمينون قبضا خورن کان خالي ڪرايون وڃن۔

جُون 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو