سکر: لائيو اسٽاڪ آفيسر ڊاڪٽر نويد ٻرڙو جي مبينه ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ تي صحافين کي ڌمڪيون، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
سکر(بيورو رپورٽ) خبرون ٿو هلائين تنهنجي خلاف ڪمپلين ڪندس۔ ڪرپشن جي پئسن جي مستي آفيسر پاران فون تي صحافين کي گٿا لفظ۔ لائيو اسٽاڪ سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو قانون 17 گريڊ جو جونيئر ڊاڪٽر نويد 19 گريٽ جي پوسٽ ويٺل۔ لائيو اسٽاڪ جي اعلا اختيارين۔ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس وٺي تحقيقات ڪرڻ گهرجي۔
تفصيل موجب۔ ڪرپشن جيڪا ڪنھن معاشري، ملڪ ۽ معاشرتي نظام کي ناڪام يا ناڪاره بڻائي تباھي ۽ بربادي، ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ڪرپشن اڏهي وانگر نظام جي ڪاٺ کي کوکلو ڪري ڪمزور ۽ ناس ڪري ڇڏيندي آهي۔ اهوئي سبب آهي جو ڪرپٽ سرڪاري ملازمن ۽ آفيسرن جي ڪارن ڪرتوتن سبب اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان اڄ مالياتي ادارن کان قرض وٺڻ تي مجبور آهي۔ ڪجھ ڏينهن کان لائيو اسٽاڪ سنڌ۔ سکر جي آفيسرن جي ڪيل ڪرپشن جون ميڊيا تي خبرون شايع ٿي رهيو آهن۔
اهڙن ڪرپشن جي خبرن شايع ٿيڻ بعد لائيو اسٽاڪ سنڌ جي اعلا اختيارين توڙي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ يا لائيو اسٽاڪ سنڌ جي صوبائي وزير به نوٽيس ناهي ورتو پر هڪ بدمست ۽ ڪرپشن جي نشي ۾ ڌت آفيسر ڊاڪٽر نويد ٻرڙو ڪرپشن خلاف لکندڙ قلمڪارن کي فون ڪال ڪري دڙڪا ۽ داٻا ڏئي چپ ڪرائڻ لاء سندرو ٻڌي ميدان تي نڪري آيو آهي۔
جنهن سکر ۾ صحافي کي فون ڪري خبرون هلائڻ تي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بعد ڪمپلين ڪرڻ جو پڻ چيو۔ جڏهن ته ڪنڊي فارم روهڙي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ ڊاڪٽر نويد ٻرڙو جي ڪيل ڪرپشن سبب ڪنڊي نسل جون ڀلوڙ مينهون سڪو بنھ کائي ڪمزو ٿي ويون آهن جڏهن ته صرف کير ڏيندڙ مينهن کي چارو ڏنو وڃي ٿو پر هڪ سو کان وڌيڪ مينهون کير ڏين ٿيون جڏهن ته اها ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي ته اهو کير ڪنهن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو۔
۽ ان کير جي پئسن مان ڪنهن جو کيسو ڀرجي ٿو۔ پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته ڪنڊي فارم روهڙي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جون ميڊيا تي شايع ٿيندڙ ڪرپشن جي خبرن بعد نيب سکر ۽ اينٽي ڪرپشن سکر جهڙا ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ ادارا به خاموش تماشائي بڻيل آهن۔
لائيو اسٽاڪ سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو ڪارو قانون آهي جنهن سبب 17 گريڊ جي جونيئر ۽ نان تجربيڪار ڊاڪٽر نويد ٻرڙو کي 19 گريٽ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي۔ جنهن ڪري هو ٿوري عرصي ۾ ناجائز طور ڪروڙين روپيا ڪمائي ڪري ادب ۽ اخلاق واري سگھ وڃائي ويٺو آهي۔ جيڪو مستقبل ۾ لائيو اسٽاڪ سنڌ لاء وڏو نقصانڪار ثابت ٿيندو۔
جُون 27, 2025