سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو فيصلو ڪالعدم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپريم ڪورٽ 6 جي مقابلي ۾ 7 ججن جي اڪثريت سان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ويو.
سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي مڪمل ٿي.
ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان چيو ته ٿوري دير ۾ مختصر فيصلو ٻڌايو ويندو.
ڪجهه ئي دير بعد سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نظرثاني جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهندو ۽ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ وارو حڪم ختم ڪيو ويو آهي.
فيصلي جي نتيجي ۾ مخصوص سيٽون مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادي جماعتن کي ملنديون.
ست ججن اڪثريتي بنياد تي فيصلو ٻڌايو جن ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس شاهد بلال، جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا.
واضح رهي ته نظرثاني درخواستن تي سپريم ڪورٽ ۾ اڄ 17هين ٻڌڻي هئي.
ان کان اڳ جولاءِ 2024ع ۾ فل ڪورٽ 8 ججن جي اڪثريت سان پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڏنو هو، جنهن تي مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان نظرثاني درخواستون داخل ڪيون ويون هيون.
آئيني بئنچ جي ٻڌڻي دوران جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس عقيلي عباسي 6 مئي تي پاڻ کي ڪيس مان ڌار ڪيو، جڏهن ته 17هين ٻڌڻي تي جسٽس صلاح الدين پنهور به ٻڌڻي کان معذرت ڪئي.
ڪيس دوران سني اتحاد ڪائونسل طرفان وڪيل فيصل صديقي ۽ حامد خان دليل پيش ڪيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وڪالت سلمان اڪرم راجا ڪئي.