سيوهڻ ۾ ناٿا فائونڊيشن پاران محرم الحرام جي موقعي تي نگر نياز لاءِ ڪئمپ قائم
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي ) محرم الحرام جو چنڊ ڏسجڻ کانپوء ھر سال جيان ھن سال به سيوھڻ شھر جي سماجي تنظيم ناٿا فائونڊيشن جي چيئرمين طرفان درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مين گيٽ تي ھر سال جيان هن سال به ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جتي صبح کان رات جلوس ختم ٿيڻ تائين نگر نياز مومنن عزادارن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آھي،
جنهن ۾ ٿڌي پاڻي جي سبيل، ملڪ روز شربت، چانھ، نان، حليم ۽ برياني جو نياز ڪيو ويندو آھي، سماجي تنظيم ناٿا فائونڊيشن جي چيئرمين محمد رمضان ناٿا جو چوڻ آھي ته مان ۽ منھنجي ٽيم ھر سال جيان ھن سال به اسان ڏينهن ۽ رات ماتمي عزادارن مومنين جي ڊيوٽي ڏينداسين ، اسان هن سال بہ ڪئمپ قائم ڪئي آھي جيڪا پهرين محرم الحرام کان 10 محرم الحرام تائين جاري رھندي ان ڪئمپ ۾ نگر نياز ماتمي عزادارن مومنن ۾ تقسيم ڪيو ويندو.
جُون 27, 2025