سيوهڻ ۾ محرم الحرام جو آغاز، درگاهه قلندر لعل شهباز تان قديمي علم پاڪ جي برآمدگي

Spread the love

سيوھڻ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ شريف ۾  درگاھ حضرت  لعل شھباز قلندر رحمت الله عليہ جي سجاده نشين سيد گل محمد شاھ عرف راجا سائين پاران قديمي حسيني امام بارگاھ جي پڙ تان ڀيرڪ برآمد ڪئي ويئي،

جيڪا قديمي علم ڪشائي جي رسم ادا ڪري محرم الحرام جو آغاز  ڪيو ويو، سيوهڻ شھر ۾ هر سال جيان هن سال به درگاھ حضرت لعل قلندر شھباز رحمت الله عليہ جي سجاده نشين سيد گل محمد شاھ عرف راجا سائين جي اڳواڻي ۾ قديمي حسيني امام بارگاھ تان  علم جي ڀيرڪ برآمد ڪئي ويئي،.

جتي  حضرت لعل شھباز قلندر رحمت الله عليہ جي مزار جي قديمي علم پاڪ جي علم ڪشائي جي رسم ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سيوھڻ شھر جي  ساداتن سيوھڻ شھر جي عوام ۽ سيوھڻ شھر جي عزادارن وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

جُون 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو