سانگهڙ ۾ پوليس ڀرتين جو عمل مڪمل، 149 ڪامياب اميدوارن کي آفر ليٽر جاري
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ پوليس ڪانسٽيبلن جي ڀرتي لاءِ نوجوانن ۾ آفر ليٽر ورهايا ويا. ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو 149 اميدوارن ۾ ليٽر ورهايا.
تفصيل موجب: سنڌ پوليس ۾ ايس پي ڊي-1 2024 تحت ميرٽ تي پاس ٿيندڙ 149 اميدوارن ۾ آءِ جي پي صاحب سنڌ جي حڪم تحت ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو ڪامياب اميدوارن کي ايس ايس پي آفيس سانگهڙ گهرائي ۽ انهن ۾ آفر ليٽر ڏنا. اميدوارن ۾ 119 مرد، 22 عورتون ۽ 08 اقليتي اميدوار شامل آهن. ان موقعي تي ايس ايس پي سانگهڙ،
نوجوانن کي پنهنجي خطاب ۾ اميد ظاهر ڪئي ته اهي پنهنجون ذميواريون ايمانداري، فرض شناسي ۽ سٺي طريقي سان آدا ڪندا.
جُون 27, 2025