سانگهڙ ۾ طوفاني برسات سبب ڇتيون، فصلون ۽ بجلي متاثر، شهر گندگي جي ڍير ۾ تبديل، شهري پريشان
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ جي مختلف شهرن ۾ مون سون جي پھرئين تیز طوفاني برسات سبب ڪکاون گھرن جون ڇتيون سولر پليٽون ۽ ڇپرا اڏامي پٽ پئجي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم، بجلي تي ھلندڙ سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو،ٻئي طرف برسات سبب زرعي فصلن ڪپھ، مڪئي،مڱ، جوئر، ٻاجھر، تر، گوار، ڀينڊي ۽ ٻين فصلن کي ڪافي نقصان جو اندیشو آھي، ھوڏانھن واپارين ۽ پيڊي وارن برسات جو بھانو ڪري ڪپھ جو اگھ ڪيرائي ڇڏيو،
ھاري ۽ آبادگار پريشاني ۾ مبتلا آهن، ھوڏانھن برسات سبب سانگھڙ جھول پيرومل ڪنڊياري کپرو ۽ ٻين شھرن ۾ ناقص انتظامن سبب روڊ رستن پاڻي بيھي ويو، جڏهن ته سانگھڙ ۾ پھرئين برسات ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي پت وائکي ڪري ڇڏي. گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري روڊن ۽ گلين ۾ پاڻي بيهي ويو، شھر ۾ روڊن جي صفائي نه ٿيڻ ۽ نالا بند هئڻ سبب شھر گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو،
جنهن ڪري گاڏين ۽ پيادل ماڻھن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رھيو آھي. شھرين جو چوڻ ھو تہ گٽر نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ٿوري برسات پوندي آهي ته شھر تلاء جو ڏيک ڏيڻ لڳندو آهي مسافر گاڏين توڙي پيادل ماڻھن لاء شھر ۾ ھلڻ ڪنھن مصيبت کان گھٽ نه ھوندو آھي بلديه جي ايڏي وڏي بجيٽ ھوندي شھر گندگي جي ڍير ۾ تبديل آهي، سانگهڙ واسين پاران مطالبو ڪيو ويو آھي ته شھر جي نالين جي صفائي سان گڏ روزانو جي بنياد تي شهر کي صاف رکڻ لاء اثرائتا قدم کنيا وڃن جيئن برسات جو پاڻي نيڪال ٿيڻ سان گڏ عوام جي تڪليف ۾ گھٽتائي ٿي سگھي.
جُون 27, 2025