حج جي خواهشمندن لاءِ وڏي خبر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان حج 2026 لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو 9 جولاءِ تائين جاري رهندو.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب، حج رجسٽريشن لاءِ ڪا به فيس ادا نه ڪرڻي پوندي ۽ اها سرڪاري ۽ خانگي ٻنهي اسڪيمز لاءِ لازمي قرار ڏني وئي آهي.
وزارت جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ شهرين سميت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به اڳواٽ رجسٽريشن ضروري هوندي ۽ صرف رجسٽرڊ درخواستگذارن کي حج 2026 لاءِ اهل قرار ڏنو ويندو.
رجسٽريشن ملڪ جي 15 منظور ٿيل بئنڪن مان ڪرائي سگهجي ٿي، جنهن کانپوءِ شهري سرڪاري يا خانگي اسڪيم جي چونڊ ڪري سگهندا.
مذهبي معاملن واري وزارت واضح ڪيو آهي ته خانگي اسڪيم مان رهجي ويل خواهشمندن لاءِ به هن سال رجسٽريشن لازمي هوندي.
حج 2026 جا خرچ، شرطون ۽ ضابطا ڌار ڌار حج پاليسي جي تحت جاري ڪيا ويندا.
وزارت جو وڌيڪ چوڻ هو ته حج رجسٽريشن سعودي حڪومت جي هدايتن تي ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي بنياد تي سعودي اختيارين کي ڊيٽا فراهم ڪيو ويندو جنهن ذريعي حج ڪوٽا مقرر ڪئي ويندي.

جُون 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو