ايئرپورٽ پوليس جي زيادتي خلاف نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج، ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو
نوابشاھ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) دولت ڪالوني جي رهواسڻ نظيرہ تنيو پنھنجي نياڻين انيلا تنيو، تانيه تنيو معصوم ٻارڙن سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌانھيو آھي تہ ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس گذريل رات اسان جو ڀاء اعجاز تنيو گھر جي ڪم سان دڪان تي ويو ھيو ايئرپورٽ پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي
جتي ايس ايڇ او وسيم مرزا ملياسين جتي ھن ٻڌايو ته تواھان جي نوجوان کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو آھي ۽ جانچ ڪري صبح تائين ڇڏي ڏينداسين ۽ بعد ۾ اسان کي ايس ايڇ او ڌاٻا ڏئي ٿاڻي تان ڪڍي ڇڏيو ۽ اسان صبح جو ٿاڻي تي وياسين ته اتي موجود پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته تواھان جو نوجوان کي اسان ڪورٽ موڪلي ڇڏيو آھي تواھان ڪورٽ وڄون اسان ڪورٽ پھتاسين ته خبر پئي ته نوجوان جي مٿان مبينه ڪوڙو ڏيڍ ڪلو چرس جو ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ عدالت سڳوري اسان جي نوجوان کي حيدرآباد جيل موڪلي ڇڏيو آھي ھنن سنڌ حڪومت ۽ ڊي آئي جي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو تہ اسان نوجوان جي انڪوائري ڪرائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي
جُون 27, 2025