پي ٽي آءِ ۾ اختلاف،جنيد اڪبر ۽ اسد قيصر پاران پارٽي پاليسين کان لاتعلقي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخوا جي صوبائي صدر جنيد اڪبر ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر پارٽي جي تازن فيصلن کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن باني عمران خان جي هدايت ئي موجود نه هئي ته پوءِ بجيٽ پيش ڇو ڪئي وئي؟ جنيد اڪبر هڪ بيان ۾ چيو ته جڏهن عمران خان جون هدايتون ملي ئي نه رهيون آهن ته فيصلا ڪرڻ جو جواز ئي ناهي.
عمران خان جو حڪم ۽ پيغام آخري هوندو آهي، ان جي خلاف ورزي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ اسد قيصر به پارٽي پاليسي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي، عمران خان جي پيغامن بابت به شڪ ظاهر ڪيو آهي،هن چيو ته منهنجو عمران خان سان سڌو رابطو ناهي، تنهنڪري مون کي ڪجهه به خبر ناهي ته فيصلا ڪيئن ٿي رهيا آهن، ۽ مان انهن فيصلن جو حصو ناهيان.
جُون 26, 2025