ٽرمپ جي نيتن ياهو کي شٽ اپ ڪال، ايراني قيادت نشاني کان بچي وئي

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس) آمريڪي صدر ٽرمپ پاران اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو کي سختي سان شٽ اپ ڪال ڏني وئي .ايران تي حملي دوران ٽرمپ ۽ نيتن ياھو ۾ روزانو ٽيليفون تي رابطو ٿيندو ھئو.ان سان ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملي واري سموري رٿا به ٻنھي اڳواڻن گڏجي جوڙي ۽ منظوري ڏني ھئي پر ٽرمپ پاران سيزفائر جي اعلان بعد جڏھن ايران اسرائيل تي ميزائل سان حملو ڪيو جنھن جي جواب ۾ اسرائيل جي بچاءُ واري وزير 15 جھاز ايران مٿان حملي لاءِ موڪليا ۽ چيو ته اسان ان جو بدلو وٺنداسين  ته ٽرمپ نيٽو جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سفر ۾ ھيو ان کي اطلاع مليو ان دوران صدر ٽرمپ ڪاوڙ ۾ ھيو ۽ ھن ايران ۽ اسرائيل کي گاريون به ڏنيون.

ان دوران ھن نيتن ياھو سان رابطو ڪيو ۽ ان کي چيو ته جڏھن اعلان ڪري ڇڏيو ته پوءِ ان جي خلافورزي ڇو؟ يروشلم پوسٽ جي رپورٽ مطابق ڳالھ ٻولھ دوران ٽرمپ جو آواز تيز ٿي ويو.ٻئي اسرائيلي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ خطرناڪ انڪشاف ڪيو ويوآھي ته ايران جي آخري وقت ۾ شيبا تي ميزائل حملي ۾ 4 ماڻھو مارجڻ بعد اسرائيلي دفاعي وزير چيو ته اسان جنگ بندي کي نه ٿا مڃون .

اخبار مطابق صدر ٽرمپ کي اطلاع مليو ته نيتن ياھو جيڪي جنگي جھاز موڪليا آھن انھن کي 15 ٽارگيٽ ڏنا ويا آھن  انھن ۾ ايران جي مٿين قيادت سياسي توڙي  فوجي ٻئي شامل ھيون. خامنائي  ۽ ٻيا هدف به شامل ھئا.ٽرمپ فون ڪري نيتن ياھو کي چيو ته فوري جھاز واپس گھراءِ. نيتن ياھو ٽرمپ کي چيو ته اسان ٽارگيٽ تي حملو نه ٿا ڪريون پر بنا نقصان جي ڪارروائي جي اجازت ڏيو جنھن تي انھن کي اجازت ملي ھنن ريڊار کي نشانو بڻايو. اھي ٽارگيٽ ماڻيا وڃن ھا ته پوري خطي اندر جنگ شروع ٿي وڃي ھا .

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو