ناليواري راڳي شاهد علي ٻٻر کان لکين رپيا، موبائل فون ۽ سونيون منڊيون ڦر

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ناليواري فنڪار شاهد ٻٻر کان اڪري چودڳي وٽان لکين رپيا، موبائل فون ۽ سونيون منڊيون ڦر ڪيون ويون آهن.
شاهد علي ٻٻر افسوسناڪ واقعي کانپوءِ وڊيو پيغام جاري ڪندي ٻڌايو ته محفل تان موٽندي اڻڄاتل هٿياربند 6 لک رپيا روڪ، موبائل فون ۽ سونيون منڊيون ڦر ڪري ويا آهن، اسان پوليس سان رابطو ڪيو آهي ۽ پوليس خاطري ڪرائي آهي ته توهان سان انصاف ٿيندو.
هن چيو ته منهنجا حق حلال جا پيسا آهن، ايس ايس پي، ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ٿو ڪيان ته تدارڪ ڪيو وڃي.

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو