ماڻهو غيرجمهوري روين سبب مائنس ٿيندا آهن:راڻا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ماڻهو پنهنجي عملن يا غير جمهوري رويي سبب پاڻ ئي مائنس ٿي وڃن ٿا، ڪنهن جي خواهش سان ڪو به مائنس نٿو ٿئي.جيو نيوز سان ڳالهائيندي، اپوزيشن ميمبرن سان ملاقات کان پوءِ هن  چيو ته سياسي ڳالهين کان انڪار جي ذميواري به اپوزيشن تي عائد ٿئي ٿي.

حڪومت هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، وزيراعظم قومي اسيمبلي جي فلور تان به اپوزيشن کي کليل آڇ ڪئي هئي.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم واضح طور چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن مون سان نه ويهڻ چاهي ٿي ته اسپيڪر جي چيمبر ۾ اچي، مان پاڻ پنهنجن ساٿين سميت اتي اچي ويندس. جهموريت ڳالهه ٻولهه سان هلي ٿي.

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو