شھيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان انصاف بدران پوليس عملدارن جي ڪيل زيادتي
شھيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ انصاف نھ ملڻ جي شڪايت وارث ڪندا رھيا آھن، تازو شھيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي، شھيد نصرالله جي ٻارن سان گڏجي ڊي آءِ جي، سکر سان ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايس ايس پي گھوٽڪي اھا ملاقات ڪرڻ نھ ڏني.وارثن ڊي آءِ جي ، گاڏي آڏو احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي ايس ايس پي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
اسان ھڪ اھڙي سماج جو حصو آھيون جتي حڪومت، پوليس، عدليھ ۽ ٻيا انتظامي ادارا تھ آھن پر اھي ھر ڪم جيڪو سرڪار جي حوالي آھي اھو ”ڍڳو پير پيران“ جيان ٿئي ٿو.جنھن ڪري سرڪاري آفيسرن آڏو احتجاج ڪرڻ رواجي ڳالھھ آھي.ڇاڪاڻ جو معمول واري طريقي سان اھي عملدار نھ رڳو ملڻ کان مھانگا ھوندا آھن بلڪھ انھن جي آفيسن جي ٻاھران مقرر عملو عوام کي ڪنھن کاتي ۾ ئي نھ آڻيندو آھي. ان ڪري ئي شھيد نصرالله گڏاڻي ڀاءُ يعقوب پڻ ڊي آءِ جي، جي گاڏي آڏو اھڙي قسم جي احتجاج جي ڪوشش ڪئي.جنھن کي ايس ايس پي گھوٽڪي ڪامياب ٿيڻ نھ ڏنو. ممڪن آھي تھ حڪومت ۽ ان جي آفيسرن کان اھو وسري ويو ھجي پر سنڌ جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندڙ ڪردارن کي سنڌ جو عام ماڻھون ڪڏھن بھ نھ وساريندو آھي.شڪستون سماج ۾ مجموعي طور تي مايوسي پکيڙين ٿيون ۽ ڪاميابيون اتساھ جو سبب بڻجن ٿيون.
نصرالله گڏاڻي جي شھادت تي سموري سنڌ ۾ مزاحمت سامھون آئي ھئي. جنھن سان حڪومت مٿان دٻاءُ پيو. ان ڪري ئي ڪيس داخل ٿيو. پر ھن وقت تائين انصاف جي گھرج اڃان پوري نھ ٿي آھي. 21 مئي 2024 تي صبح جو 11:00 وڳي ڌاري نصرالله گڏاڻي پنهنجي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي کان موٽرسائيڪل تي ميرپورماٿيلو وڃي رهيو هو ته کيس فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو.جنھن بعد پهرين کيس سول اسپتال ميرپورماٿيلو ۾طبي امداد ڏيڻ بعد ۾ رحيم يار خان اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ِکيس ايئرايمبولينس ذريعي آغا خان اسپتال ڪراچي آندو ويو جتي 24 مئي 2024 تي ھو اسان کان ھميشھ لاءِ موڪلائي ويو.
اھو درست آھي تھ ملڪ ۾ جمھوريت آھي، ان جي ماتحت انتظاميھ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بھ ڪم ڪري رھيا آھن، تڏھن پڻ سماج جي ھر شعبي ۾ قانون جي لتاڙ جو عمل جاري آھي. معاشري جي اھڙين ناانصافين خلاف آواز بلند ڪرڻ ۾ صحافين جو اھم ڪردار رھيو آھي. خاص ڪري ٻھراڙي جي صحافي جي لاءِ اھو ڪم ڪنھن جوکي کان گھٽ نھ آھي.قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڪثر صحافين کي ڪنھن نھ ڪنھن بااثر جي ُچرچ تي تنگ ڪندا رھندا آھن، اھا سنڌ ۾ پراڻي روايت آھي.
گهوٽڪي ضلعي ۾ھر پنجن، ڏهن ميلن بعد ڪنهن نھ ڪنھن سردار، جاگيردار يا پير جي جاگير يا سرداري شروع ۽ ختم ٿئي ٿي. ھن ئي ضلعي ۾ وڏا صنعتي پلانٽس اينگرو، پاڪ سعودي فرٽيلائيزر، فوجي فرٽيلائيزر، ماڙي انڊس گيس، ۽ قادرپور گيس فيلڊ قائم آهن، جن ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمين سويلين سيٽلرزآبادگارن کي الاٽ ڪيل آهي. گھوٽڪي ۽ ان جي سرحد سان لڳندڙ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ سکر ضلعي جي درياءَ سان ھزارين ايڪڙ ڪچي جي سرڪاري زمين تي بااثرن جو قبضو آھي، انھن علائقن جي ٻيلن ۾ ڌاڙيلن، ھٿياربندن ۽ جنگي سردارن جا ڪئين ٽولا سرگم آھن. اھڙي صورتحال ۽ منظم انتظامي طاقت سان انھن علائقن ۾ غريبن سان ناانصافي ٿيندي رھندي آھي.جنھن ڪري ئي انھن خلاف وقت بوقت ڪي ڪردار آواز اٿاريندي رھندا آھن. نصرالله گڏاڻي بھ اھڙو ئي ھڪ ڪردار ھو.
هن پنهنجي علائقي ۾ ڪوشش ڪري بااثرن جي طاقت ھيٺ پلجندڙ ڏوھن خلاف نھ رڳو آواز بلند ڪيو بلڪھ ان خلاف عملي طور تي بھ جدجھد ڪئي ھئي.اھو ئي سبب ھو جو ھن کي رستي تان ھٽائڻ لاءِ اھو ئي پراڻو طريقو اختيار ڪندي کيس شھيد ڪيو ويو.نصرالله گڏاڻي جي جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.
ڪجهھ وقت اڳ ”سردار ماءِ فوٽ“ ۽”ڀوتار ماءِ فوٽ“ جو نعرو مشھور ٿيو ھو اھو اصل ۾ شھيد نصرالله جي موٽر سائيڪل جي پٺيان لکيل ھوندو ھو. جيڪو سندس شھادت بعد سڄي سنڌ ۾ مشھور ٿيو. جنھن جي معنيٰ تھ نصرالله ھڪ اھڙو صحافي ھو، جيڪو حقيقت ۾ عام ماڻھن جو ڪيس پيش ڪندو ۽ ان کي اخبارن ۾ رپورٽ ڪندو ۽ پنھنجي سوشل ميڊيا تي ھلائيندوھو. سندس اھڙي نعري جو مطلب ھو تھ اھو ڪنھن بھ آفيسر ، وڏري توڻي سردار جي ڪاڻ ڪڍڻ وارو نھ ھو.
شھيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس سان انصاف نھ ٿيو آھي، ان ڪري سندس وارث لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ڪرڻ ۽ انھن کي حقيقت کان آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، پر ھتي جو منجھيل ۽ پيچيدا بڻايل نظام اھڙو آھي جو ڪنھن ماڻھون کي انصاف جي لاءِ تمام گھڻا ڌڪا کائڻا پون ٿا. حڪومت، انتظاميھ، پوليس توڻي عدليھ ھوندي بھ اھا حقيقت آھي تھ ملڪ ۾ انصاف گھڻو مھانگو ۽ عام ماڻھون جي پھچ کان تمام گھڻو پري بھ آھي. عدالتن ۾ لکين ڪيس التوا ۾ پيل آھن.ھڪ رپورٽ موجب ملڪ جي عدالتن ۾ 20 لکن کان وڌيڪ ڪيس التوا ۾ پيل آھن.جنھن ۾ رڳ ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ 60 ھزار کان وڌيڪ ڪيس پيڊنگ ۾ آھن،
اسان جي حڪومت سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪريون ٿا شھيد نصرالله جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ڪيس بابت صورتحال جي آگاھي ڏيڻ جي لاءِ انھن جي لاءِ لاڳاپيل عملدران سان ملاقات تي بندش نھ وڌي وڃي. ڇاڪاڻ جو ڪنھن بھ شخص کي انصاف جي لاءِ لاڳاپيل سرڪاري عملدارن سان ملاقات ڪري پنھنجي ڳالھھ پيش ڪرڻ انھن جو جمھوري ۽ انساني حق بھ آھي.
جُون 26, 2025