سکر: زوهیب اختر ڪلوڙ جو جعلي واٽس ايپ اڪائونٽ خلاف سخت احتجاج، سائبر ڪرائم سيل کان فوري ڪارروائي جو مطالبو
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)زوهیب اختر ڪلوڙ پاران جعلي واٽس ايپ اڪائونٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو خبر موجب سکر جي سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ، مجلس وحدت المسلمين پاڪستان يوٿ ونگ جو ڊويزنل صدر زوهیب اختر ڪلوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪجهه شرپسند ماڻهن سندس نالي سان جعلي واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهي،
ان تي فـيڪ اسڪرين شاٽس تي بيهوده ۽ غير اخلاقي ڳالهيون لکي، مختلف ماڻهن جي آئي ڊيز تي شيئر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ان عمل سان نه صرف سندس نالو بدنام ٿي رهيو آهي، پر ڪاروبار تي به منفي اثر پئجي رهيو آهي.
زوهیب چيو ته هن ان باري ۾ سائبر ڪرائم سيل ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي، پر اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته محرم الحرام ويجهو اچڻ تي ماحول خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. زوهیب اختر اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندا.
جُون 26, 2025