سکر: جمعيت علماء اسلام جي آل پارٽيز ڪانفرنس، سنڌ ۾ بدامني، ڪرپشن ۽ نااهلي خلاف مرحليوار جدوجهد جو اعلان

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، فساد، طبي ۽ بلدياتي ادارن جي ڪرپشن خلاف جمعيت علماء اسلام ضلعو سکر جي اهتمام هيٺ، صوبائي آفيس شهيد اسلام سيڪريٽريٽ سکر ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي شريڪ ٿيڻ سان، امير جمعيت علماء اسلام ضلعو سکر حضرت مولانا محمد صالح انڍڙ جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو.ڪانفرنس ۾ حافظ عبدالحميد مهر (سيڪريٽري جنرل جمعيت علماء اسلام ضلعو سکر)، پاڪستان سني تحريڪ جي حافظ محبوب علي سهتو، انور ڪمال بلوچ، پاڪستان مسلم ليگ ف جي فقير عنايت الله برڙو،

محمد بچل مهر، جي يو پي سنڌ جي مشرف محمود قادري، پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جي ميڊم صفيه بلوچ، راحيلا ڪمانگر، جماعت اسلامي جي مولانا حزب الله جھڪرو، امان الله ميڪو، ايڊووڪيٽ سلطان لاشاري، پي ايم ايل اين جي محمد اعظم خان، عبدالفتاح ابڙو، جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز جي اعجاز علي چانڊيو، عبدالقيوم ابڙو، عوامي تحريڪ جي سچل ڀٽي، اياز ڪلوڙ، مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان جي قاري محمد عثمان، شهري اتحاد ضلعو سکر جي مولانا عبيد الله ڀٽو ابنِ آزاد، شيعه علماء ڪائونسل جي سيد جواد حسين رضوي، مولانا اختر علي ڪاظم، ايڊووڪيٽ عبدالقيوم، صحافي علي انس گھانگرو، لائرز ونگ جي يو آءِ جي سڪندر علي جونيجو سميت ٻين اڳواڻن، عزتدار شخصيتن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.شرڪت ڪندڙن، جمعيت علماء اسلام جي صوبي سنڌ جي فيصلي جي تحت سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، فساد، طبي ۽ بلدياتي ادارن جي ڪرپشن خلاف جدوجهد جي شروعاتي عمل کي ساراهيو ۽ ان کي سنڌ جي عوام لاءِ هڪ خوش آئنده قدم قرار ڏنو.شرڪت ڪندڙن حڪومت سنڌ ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت، خاص طور تي سنڌ پوليس، امن جي بحاليءَ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

جيڪڏهن امن نه هوندو ته واپار ۽ روزمره جي زندگيءَ تي خراب اثر پوندو. اسپتالن ۾ رڳو نالي ماتر طبي سهولتون بچيون آهن. بلدياتي ادارا ۽ چونڊيل نمائندا عوام جي فلاح لاءِ ڪا به سهولت فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن. وڌندڙ بدامني سبب هر طبقو پريشانين ۾ مبتلا آهي.ڪانفرنس ۾ گڏيل طور تي مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ هڪ متفقه اعلاميه منظور ڪيو ويو،

جن ۾ هيٺيان فيصلا شامل هئا:1. جمعيت علماء اسلام ضلعو سکر پاران 9 جولاءِ تي پنوعاقل، 10 جولاءِ روهڙي، 11 جولاءِ سٽي سکر، 12 جولاءِ نيو سکر، 13 جولاءِ صالح پٽ ۾ امن ڪانفرنسون ٿينديون.2. عاشورا (10 محرم) کان پوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس جو هڪ وفد پوليس جي مٿاهين آفيسرن سان ملاقاتون ڪري کين ڏوهاري سرگرمين جي تفصيلن کان آگاهه ڪندو.3. سڀ سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي سطح تي آل پارٽيز ڪانفرنس جو انعقاد ڪنديون ته جيئن جدوجهد کي اڳتي وڌائي سگهجي.4. بلدياتي ادارن ۾ هر مهيني اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. ان جي خلاف ثبوت گڏ ڪري آڊٽ ڊائريڪٽر کي پيش ڪيا ويندا،

جيڪڏهن سرڪاري دستاويز فراهم نه ڪيا ويا ته عدالت جو در کڙڪايو ويندو.5. سڀني ناقص منصوبن خلاف گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي.6. تحصيل سطح تي به آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪوٺائي وينديون.7. سڀ سرڪاري اسپتال تباهه ٿي چڪيون آهن، انهن جو معائنو ڪيو ويندو، ۽ ايندڙ ڪانفرنس ۾ انهن بابت عمل جوڙيو ويندو.8. آل پارٽيز ڪانفرنس مان هڪ “ايڪشن ڪميٽي” جوڙي ويندي جيڪا جدوجهد جاري رکندي.9. زراعت جي تباهيءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.10. نهرن بابت ٺاهيل منصوبي کي مڪمل رد ڪيو ويو.11. ڪارپوريٽ فارمنگ جي بجيٽ کي به رد ڪيو ويو.

آخر ۾، امير جمعيت علماء اسلام ضلعو سکر مولانا محمد صالح انڍڙ، سڀني شرڪت ڪندڙن جو ٿورائتو ٿيندي گڏيل جدوجهد جي تعريف ڪئي ۽ جمعيت جي طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪانفرنس جي پڄاڻي ملڪ جي ترقي، خوشحالي، ۽ امتِ مسلمه جي مشڪلاتن جي حل لاءِ خاص دعا سان ڪئي وئي.

جُون 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو